بلاول سان پ پ اڳواڻن جون ملاقاتون

ڪراچي (رپورٽر) چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان پيپلزپارٽي اڳواڻن جون ملاقاتون، سياسي، تنظيمي ۽ ترقياتي معاملن تي تفصيلي جائزو ڪراچي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان سينيٽر وقار مهدي، ايم پي اي محمد آصف خان، سکر جي ميئر بئريسٽر ارسلان شيخ ۽ ماڙي پور ٽائون جي چيئرمين همايون خان بلاول هائوس ۾  الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون، جن ۾ سياسي، تنظيمي ۽ ترقياتي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ذريعن موجب سينيٽر وقار مهدي چيئرمين کي سنڌ جي سياسي ۽ تنظيمي صورتحال بابت بريفنگ ڏني، جڏهن ته ايندڙ ڪنٽونمينٽ بورڊن جي چونڊن جي تيارين ۽ سينيٽ ۾ قانون سازي سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هدايت ڪئي ته پارٽي جي تنظيمي نظم و ضبط کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي ۽ ڪارڪنن سان رابطن کي فعال رکيو وڃي. بيرسٽر ارسلان اسلام شيخ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي ڪارڪردگي بابت جامع بريفنگ ڏيندي آگاهه ڪيو ته اداري کي مڪمل ڊجيٽلائيزيشن طرف تيزي سان وڌايو پيو بلاول ڀٽو زرداري سکر ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ عوامي ڀلائي جي قدمن کي ساراهيندي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي خدمت، شفاف حڪمراني ۽ پائيدار ترقي جي ويزن تحت شهرين کي بهترين سهولتن جي فراهمي جاري رکندي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.