سکر ۾ ڏينهن ڏٺي جو پيٽرول پمپ مالڪ هڪ ڪروڙ ڦرڻ کان پوءِ قتل

سکر (رپورٽر) سکر ايئرپورٽ ٿاڻي جي حدن اندر ڏينهن ڏٺي جو بچل شاهه ڀرسان سکر باءِ پاس تي ڦر جي وڏي واردات، هٿياربند تاج پيٽرول پمپ ٻٻرلوءِ جي مالڪ کان هڪ ڪروڙ رپيا ڦر ڪري ورتا، جڏهن  ته مزاحمت تي پئٽرول مالڪ نياز محمد بگٽي کي گوليون هڻي قتل ڪيوويو، سندس سيڪيورٽي گارڊ زخمي ٿي پيو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته سٽي باءِ پاس ڀرسان ٻن 125 موٽرسائيڪلن تي سوار هٿياربندن تاج پيٽرول پمپ جي مالڪ نياز بگٽي جي ڪار کي روڪي هٿيارن جي زور تي هڪ ڪروڙ رپيا ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دوران مزاحمت ڪرڻ تي جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ نياز محمد بگٽي ۽ سندس سيڪيورٽي گارڊ وارث ميمڻ سخت زخمي ٿي پيا، واقعي جي اطلاع ملڻ تي مقامي ماڻهن پوليس کي آگاهه ڪيو، جنهن تي پهچي زخمين کي فوري طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو جتي زخمن جا سور نه واپاري نياز محمد بگٽي فوت ٿي ويو، پوليس موجب مقتول نياز بگٽي پنهنجي سيڪيورٽي گارڊ سان گڏ هڪ ڪروڙ روپيا بينڪ ۾ جمع ڪرائڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته سٽي پوائنٽ باءِ پاس ڀرسان هي واقعو پيش آيو، جوابدارن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته واپاري نياز محمد بگٽي جي قتل تي علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، مقتول واپاري نيازبگٽي جي ڀاءُ جو چوڻ هو ته نياز بگٽي کي قتل ڪيو ويو آهي، سال اڳ به اسان سان واقعو ٿيو هو، پوءِ وري اوهان سنڌ وارا چئو ٿا ته بگٽي ناانصافي ڪن ٿا، ون ٽو فائيو موٽرسائيڪل سوار چار هٿياربندن فائرنگ ڪري ڀاءُ کي قتل ڪيو آهي، ڪيش کڻڻ باوجود ان کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، اسان ڏسون ٿا ته سنڌ جو شعور اسان سان گڏ ڪيترو بيهي ٿو، اسان سنڌ جي شعور کي اپيل ڪيون ٿا ته هو اسان لاءِ ڇاٿا ڳالهائين، ٻئي پاسي سکر ۾ پيٽرول پمپ جي مالڪ کي قتل ڪرڻ ۽ سيڪيورٽي گارڊ زخمي ڪرڻ واري واقعي جو آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو سخت نوٽيس ورتو، آءِ جي سنڌ طرفان ڊي آءِ جي سکر کان واقعي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي وئي، جڏهن ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي فوري گرفتاري لاءِ لوڪل پوليس ۽ جديد ٽيڪنالاجي انٽيليجنس کي مڪمل طور استعمال ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، آءِ جي سنڌ واضح ڪيو آهي ته امن امان جي صورتحال کي هر صورت ۾ برقرار رکيو ويندو ۽ اهڙن ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.