ڪراچي/چانگشا (م ڊ) پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ڪراچي لاءِ سمنڊ جي پاڻي کي مٺو بڻائڻ سميت 3 اهم منصوبن ۾ سهڪار جي مفاهمتي يادداشتن تي دستخط ڪيا ويا آهن. چين جي صوبي هونان جي شهر چانگشا ۾ منعقد ٿيل تقريب ۾ صدر آصف علي زرداري پڻ شرڪت ڪئي. پهرين مفاهمتي يادداشت سنڌ جي مڪاني کاتي ۽ چيني ڪمپني وچ ۾ طئي ٿي، جنهن تحت ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ سمنڊ جي پاڻي کي مٺو بڻائڻ واري ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪيو ويندو. ان کانسواءِ ٻيو معاهدو زرعي ٽيڪنالاجي ۾ تعاون لاءِ طئي ٿيو، جنهن تي سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ چيني اختيارين دستخط ڪيا. ٽيون معاهدو چانهه جي صنعت کي هٿي ڏيڻ ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌائڻ بابت آهي، جنهن تي پاڪستان پاران سينيٽر سليم مانڊوي والا دستخط ڪيا. انهن منصوبن جو مقصد صنعتي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ سنڌ ۾ جديد ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ آهي، جنهن سان معاشي ۽ عوامي رابطا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. سمنڊ جي پاڻي واري معاهدي تي سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ چيني گروپ جي چيئرمين يو هوئي صحيحون ڪيون، جڏهن ته زرعي معاهدي تي شرجيل ميمڻ ۽ لانگ پن هاءِ ٽيڪ جي چيئرمين چن زيشين صحيحون ڪيون. چانهه جي شعبي واري ايم او يو تي پاڪستان پاران سينيٽر سليم مانڊوي والا صحيحون ڪيون. ان موقعي تي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي بيان ۾ چيو ته اهي معاهدا سنڌ جي ترقيءَ لاءِ اهم اڳڀرائي ثابت ٿيندا. هن چيو ته ڪراچي جي وڌندڙ ضرورتن کي نظر ۾ رکندي سمنڊ جي پاڻي کي مٺو بڻائڻ وارو منصوبو وقت جي اهم ضرورت آهي، جنهن سان شهر ۾ پاڻي جي بحران تي ضابطو اچي ويندو. شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته زرعي شعبي ۾ چين جي تجربي مان فائدو حاصل ڪري سنڌ جي هارين کي جديد ٻج ۽ سمارٽ فارمنگ سسٽم فراهم ڪيو ويندو، جنهن سان في ايڪڙ پيداوار وڌندي ۽ معيشت مضبوط ٿيندي. تقريب ۾ سنڌ جا اعليٰ عملدار ۽ چين ۾ پاڪستاني سفير پڻ موجود هئا.