پاڪستان وٽ هڪ ڏينهن جا به تيل جا اسٽريٽجڪ ذخيرا نه هجڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان وٽ هن وقت پيٽروليم شين جا هڪ ڏينهن جا به ذخيرا موجود ناهن. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ ۾ تيل جا اسٽريٽجڪ ذخيرا نه هجڻ سبب صورتحال ڳنڀير آهي، جنهن ڪري فيلڊ مارشل ۽ وزيراعظم سان گڏجي تيل جا ذخيرا 30 ڏينهن تائين وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. علي پرويز ملڪ چيو ته آمريڪا ۽ ايران جي جنگ سبب عالمي مارڪيٽ تي دٻاءُ آهي، جيڪڏهن آءِ ايم ايف کان رعايت نه ملي ته ايندڙ جمعي کان پيٽرول يا ڊيزل تي 50 کان 55 رپيا اضافي ليوي لڳائڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته آءِ ايم ايف جي مدد کانسواءِ معيشت کي اڳتي نٿو هلائي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ ڀارت جي ڀيٽ ۾ تيل جي فراهمي بهتر آهي، جتي شهري تيل جي کوٽ سبب قطارن ۾ بيٺل آهن. وفاقي وزير موجب، حڪومت تيل جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي، پر قيمتن تي مستقل ڪنٽرول عالمي تڪرارن جي حل سان ئي ممڪن آهي. علي پرويز ملڪ چيو ته هن وقت ملڪ رڳو آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين ۽ ريفائنرين جي ڪمرشل ذخيرن تي هلي رهيو آهي، جيڪي رڳو 20 کان 21 ڏينهن جي  ضرورت پوري ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته ڪچي تيل جي صورتحال وڌيڪ خراب آهي، جيڪو رڳو 5 کان 7 ڏينهن لاءِ ڪافي آهي. وفاقي وزير موجب، تيل ذخيرو ڪرڻ بابت هڪ پرڏيهي ڪنسلٽنٽ جي تيار ڪيل رپورٽ گذريل ٽن سالن کان مالي مشڪلاتن سبب فائيلن ۾ دٻيل هئي، ڇاڪاڻ ته تيل کي زمين هيٺ ذخيرو ڪرڻ لاءِ سوين ملين ڊالرن جي وڏي سيڙپڪاري گهربل آهي. هن ٻڌايو ته هاڻي هنگامي بنيادن تي هڪ ورڪنگ ڪميٽي جوڙي وئي آهي ۽ ساڳئي پرڏيهي ڪنسلٽنٽ کي ٻيهر آن بورڊ ورتو ويو آهي ته جيئن ملڪ کي توانائي جي امڪاني بحران کان بچائڻ لاءِ اسٽريٽجڪ ذخيرن واري منصوبي کي فوري طور تي عملي شڪل ڏئي سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.