ميهڙ ۾ 4 مهينا اڳ اغوا ڄاڻايل ناري گهر پهچي وئي، زيادتي جا الزام

ميهڙ (رپورٽر) ميهڙ جي علائقي ٺارو ڏيپر جي رهواسڻ ناري سنگيتا ڏيپر، جيڪا گذريل 4 مهينن کان مبينا طور غائب هئي، پنهنجي گهر پهچي وئي آهي. گهر پهچڻ بعد ناري جوابدارن تي اغوا، زبردستي پرڻائڻ ۽ مسلسل جنسي زيادتي جا سنگين الزام لڳايا آهن. ناري سنگيتا ڏيپر ميڊيا آڏو بيان ڏيندي چيو ته کيس 4 مهينا اڳ جوابدارن صداقت بروهي، اعجاز، نواز بروهي ۽ قمبر ماڇي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪيو هو. هن الزام هنيو ته اغوا بعد کيس زبردستي نڪاح ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو ۽ جوابدار صداقت بروهي کيس 9 ڏينهن تائين مسلسل جنسي زيادتي  جو نشانو بڻايو. ناري وڌيڪ حيران ڪندڙ انڪشاف ڪندي چيو ته زيادتي بعد کيس ايس ايڇ او نيڪ محمد کوسو جي حوالي ڪيو ويو هو. وارثن مطالبو ڪيو آهي ته بااثر جوابدارن ۽ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.