واشنگٽن (عوامي آواز نيوز) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائيٽ هائوس واقعي تي چيو آهي ته شڪي شخص 15 گز پري کان حملي جي ڪوشش ڪئي، لڳي ٿو ته هدف مان ئي هيس، منهنجي خيال ۾ واقعي جو ايران جنگ سان واسطو ناهي.پريس ڪانفرنس ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته شڪي شخص وٽ ڪيترائي هٿيار هئا، سيڪريٽ سروس تڪڙي ۽ بهادري سان ڪارروائي ڪئي، شڪي شخص سيڪيورٽي چيڪ پوائنٽ تي حملو ڪيو.هن چيو ته اهو انتهائي حيرت جوڳو لمحو هو، ٽري گرڻ جا زوردار آواز ٻڌا، مان ڏسڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هيس ته ڇا ٿيو، ميلانيا فوري طور چيو ته بُرو آواز آهي.سندس موجب هڪ اهلڪار کي گولي لڳي پر بلٽ پروف جيڪيٽ سبب محفوظ رهيو، اهو پهريون موقعو ناهي جو ريپبلڪنز تي حملو ٿيو هجي، اها مون کي مارڻ جي هڪ ٻي ڪوشش ڪئي ۽ ماضي ۾ به اهڙا واقعا پيش اچي چڪا آهن.ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اهلڪارن وقت سر ڪارروائي ڪري ماڻهن جون حياتيون بچايون، گرفتار شڪي شخص جو واسطو ڪيليفورنيا سان آهي، جلد معلوم ڪنداسين ته هو اڪيلو ئي هو.آمريڪي صدر چيو ته اسان کي پنهنجا اختلاف ختم ڪرڻا پوندا، 30 ڏينهن ۾ ان کان وڏي تقريب ڪنداسين، اسان پنهنجون تقريبون ختم نه ڪنداسين. تمام گهڻو احترام ڪريان ٿو، پاڪستان جا فيلڊ مارشل ۽ وزيراعظم تمام سٺا ۽ قابل احترام آهن. آمريڪي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۾ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته مون 8 جنگيون روڪيون، جن ۾ پاڪستان-ڀارت جنگ به شامل آهي. ٽرمپ چيو ته پاڪستان-ڀارت جنگ ايٽمي جنگ ڏانهن وڌي رهي هئي، جنگ دوران 11 جهاز ڪيرايا ويا، پاڪستاني وزيراعظم چيو ته مون لکين ماڻهن جون جانيون بچايون.آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران جنگ جلد ختم ٿيندي ۽ اسان فتح حاصل ڪنداسين، جيڪڏهن ايران ڳالهائڻ چاهي ٿو ته اهو اسان کي فون ڪري سگهي ٿو، اسان اهو فون تي ڪنداسين.ٽرمپ چيو ته ايران ۾ اسان جن ماڻهن سان ڊيل ڪري رهيا آهيون انهن مان ڪجهه مناسب آهن ۽ ڪجهه نه آهن، مون کي اميد آهي ته ايران دانشمندي ڏيکاريندو.آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته ايران جو افزوده يورينيم جو معاملو ڳالهين جو حصو آهي، اسان ان کي حاصل ڪنداسين، مان چين کان گهڻو مايوس نه آهيان، پر اهو وڌيڪ مدد ڪري سگهي ٿو.نيٽو بابت ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته نيٽو ايران جي مسئلي تي اسان سان گڏ نه هو. جڏهن جنگ ختم ٿي، برطانيه چيو ته هو جهاز موڪليندو. هي سٺو ناهي . آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، ايران جي ايٽمي پروگرام بابت هڪ اهم بيان ڏيندي چيو ته ايران سان ايٽمي هٿيار نه ٺاهڻ تي ڳالهيون جاري آهن.هن چيو ته ايران معاهدي لاءِ هڪ ابتدائي دستاويز پيش ڪيو، پر جڏهن دورو منسوخ ڪيو ويو ته صرف ڏهن منٽن اندر هڪ نئون ۽ بهتر مسودو سامهون آيو. آمريڪي صدر جي مطابق، اهي منجهيل ڳالهيون نه آهن، پر هڪ سادو معاملو آهي ته ايران وٽ ايٽمي هٿيار نه هجڻ گهرجن. هن دعويٰ ڪئي ته قيادت جي حوالي سان ايران اندر اختلاف آهن، پر آمريڪا جنهن به قيادت سان معاهدو ڪندو ان سان ڳالهائيندو.