جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي پاران هڙتال جو سڏ واپس، گرفتار ڪارڪن آزاد

حيدرآباد (رپورٽر) جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جي سربراهه ۽ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، جسقم سربراهه ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور ۽ جيئي  سنڌ تحريڪ جي چيئرمين شبير احمد جمالي پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ 28 اپريل تي سنڌ ۾ هڙتال جو سڏ واپس وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي. اڳواڻن جو چوڻ آهي ته 25 اپريل تي گرفتار ٿيل ڪارڪنن جي آزاديءَ کانپوءِ هڙتال جي ڪال واپس ورتي وئي آهي. قومي اڳواڻن پيپلز پارٽي تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته حڪمران پارٽي مسلسل غير جمهوري حربا استعمال ڪندي سنڌ جي قومي مرڪز سن جي ناڪابندي ڪري رهي آهي. 17 جنوري هجي يا 25 اپريل، ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا هڻي کين ڊيڄاريو وڃي ٿو ته جيئن هو قومي مرڪز تي گڏ نه ٿين. هنن چيو ته پيپلز پارٽي جي صورت ۾ سنڌ مٿان مافيا مڙهيل آهي، جيڪا سنڌ جا وسيلا، ٻيٽ ۽ سنڌو درياءُ کسڻ لاءِ رستو هموار ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.