خيرپور (عوامي آواز رپورٽ) خيرپور جي ويجهو ٺيڙهي شهر ۾ ڪراچي کان فوتگي تي آيل هڪ نوجوان سان وحشاڻو تشدد ۽ بدفعلي جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي. متاثر نوجوان وڊيو بيان ڏيندي جوابدارن فرحان احمد ميمڻ ۽ بلال احمد ميمڻ تي الزام لڳايا آهن. متاثر نوجوان دانهيندي ٻڌايو ته هو ڪراچي جو رهواسي آهي ۽ ٺيڙهي ۾ مائٽن وٽ فوتگي تي آيل هو، جتي جوابدارن کيس هٿيارن جي زور تي زبردستي موٽرسائيڪل تي کڻي ويا. نوجوان موجب، جوابدارن کيس هڪ هنڌ وٺي وڃي چيو ته يا ته ڪپڙا لاهه يا گولي کاءُ، هنن مبينا طور بدفعلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چيو ته تو اسان جي بي عزتي ڪئي آهي. نوجوان وڌيڪ چيو ته ”منهنجي انڪار تي هنن مونکي مارڻ جي ڌمڪي ڏني، جنهن تي مان مجبور ٿي پيس. متاثر نوجوان اعليٰ اختيارين، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي سکر کي اپيل ڪئي آهي ته جوابدارن کي فورن گرفتار ڪري کيس انصاف فراهم ڪيو وڃي. هن چيو ته هو يتيم آهي ۽ جوابدار بااثر آهن، کيس ۽ سندس گهر وارن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. هن وقت تائين پوليس پاران جوابدارن جي گرفتاري بابت ڪا به اڳڀرائي سامهون ناهي آئي.