ڪلفٽن فائرنگ واقعي جو جوابدار آغا شهير گرفتار نه ٿيو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن بلاڪ 9 ۾ ايف بي آر انسپيڪٽر تي فائرنگ ڪري کيس زخمي ڪرڻ واري ڪيس  ۾ فرار ٿيل جوابدار آغا شهير جي پيءُ آغا اصغر پٺاڻ جو اهم بيان سامهون آيو آهي. آغا اصغر پٺاڻ واقعي کان اڳ جي حالتن بابت تفصيل ٻڌائيندي دعويٰ ڪئي آهي ته سندس پٽ تي تشدد ڪيو ويو هو. آغا اصغر پٺاڻ موجب، ڪجهه ڏينهن اڳ سندس پٽ شهير جو گاڏي ۾ سوار 4 ڇوڪرن سان جهيڙو ٿيو هو، جن کيس گاڏي مان لاهي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ۽ سندس سيني تي شراب جي بوتل ٽوڙي کيس زخمي ڪري ڇڏيو هو. هن ٻڌايو ته شهير جي گهر اچڻ تي سندس ڀيڻ زخم ڏسي کيس اطلاع ڏنو، جنهن بعد ڊاڪٽر کي گهرائي پٽ جي مرهم پٽي ڪرائي وئي. جوابدار جي پيءُ وڌيڪ چيو ته شهير رات جو ڏيڍ وڳي گهر مان نڪتو هو، جنهن بعد هو لاپتا آهي ۽ کين اها ڄاڻ ناهي ته هو هن وقت ڪٿي آهي. هن ٻڌايو ته سندن گاڏي ڳوٺ مان هٿ آئي آهي پر شهير جو ڪو پتو ناهي. آغا اصغر پٺاڻ آءِ جي سنڌ ۽ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کان اپيل ڪئي آهي ته سندس پٽ کي ڳولي برآمد ڪيو وڃي. ياد رهي ته پوليس آغا شهير کي ايف بي آر انسپيڪٽر تي فائرنگ جي مقدمي ۾ مک جوابدار طور ڳولي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.