تربت(عوامي آواز نيوز)نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر اڳوڻي وزيراعليٰ بلوچستان ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ ۽ اڳوڻي مرڪزي سيڪريٽري جنرل سينيٽر جان محمد بلیدی تمپ ۽ تربت آپسر جي ڪائونسلن کي خطاب ڪندي چيو ته بلوچستان جي حقيقي قومپرست قيادت خلاف رياستي ادارن پاران “مصنوعي قيادت” پيدا ڪري سياسي ۽ جمهوري عمل کي متاثر ڪيو ويو، جنهن سبب بلوچ سماج بدامني جو شڪار ٿيو آهي،هنن چيو ته بلوچستان ۾ جاري بدامني جا سبب غلط رياستي پاليسيون ۽ حڪمت عمليون آهن. انهن زور ڏنو ته امن لاءِ غلطين جو سلسلو بند ڪري قومي مفاهمتي پاليسي اختيار ڪئي وڃي ۽ ڳالهين جو رستو کوليو وڃي.هنن تجويز ڏني ته هڪ قومي مفاهمتي ڪميشن قائم ڪئي وڃي ۽ بلوچستان جي سياسي جماعتن کي سياسي جاءِ (اسپيس) ڏني وڃي ته جيئن سياسي حل ذريعي مسئلن کي حل ڪري سگهجي.پارٽي اڳواڻن چيو ته بلوچستان جو مسئلو سياسي ۽ قومي نوعيت جو آهي، جنهن جو حل به صرف سياسي آهي، جڏهن ته طاقت جو بيجا استعمال صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري سگهي ٿو،هنن اهو به چيو ته بلوچستان جا ساحل ۽ وسيلا اتان جي عوام جو حق آهن ۽ سياسي عمل ۾ مداخلت بند ٿيڻ گهرجي.اجلاس ۾ ٻين اڳواڻن ۾ ڊاڪٽر نور زمان، جسٽس(ر) شڪيل احمد، واجد بلوچ، فدا حسين دشتي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو۔