ٿامس ايلن جو تعليمي رڪارڊ شاندار، مڪينڪل ۽ ڪمپيوٽر ۾ ڊگري

واشنگٽن(ع آ نيوز) سوشل ميڊيا ۽ پيشيور ويب سائيٽن جي معلومات موجب، ڪول ٿامس ايلن جو تعليمي رڪارڊ  شاندار آهي.  هن 2017 ۾ دنيا جي مشهور ڪيليفورنيا انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي (ڪالٽيڪ) مان ميڪينڪل انجنيئرنگ ۾ ڊگري حاصل ڪئي، جڏهن ته 2025 ۾ هن ڪمپيوٽر سائنس ۾ ماسٽر ڊگري مڪمل ڪئي. ڪيلٽيڪ انتظاميا هڪ بيان ۾ تصديق ڪئي آهي ته هن نالي جو هڪ شاگرد 2017 ۾ انهن جي اداري مان گريجوئيشن ڪئي. ملزم جي پيشيور پروفائل ۾ هن کي ڊگري جي لحاظ کان ميڪينڪل انجنيئر ۽ ڪمپيوٽر سائنسدان، تجربي جي لحاظ کان گيم ڊولپر ۽ استاد طور درج ڪيو ويو آهي. جوابدار هڪ خانگي تعليمي اداري ۾ پارٽ ٽائيم استاد طور ڪم ڪري رهيو هو ۽ ڊسمبر 2024 ۾ سندس بهترين ڪارڪردگيءَ لاءِ کيس مهيني جو استاد جو ايوارڊ پڻ ڏنو ويو.سندس پروفائل ۾ هڪ خانگي ڪمپني ۾ هڪ سال لاءِ ميڪينڪل انجنيئر طور ڪم ڪرڻ ۽ ڪيلٽيڪ ۾ ٽيچنگ اسسٽنٽ طور ڪم ڪرڻ جو ذڪر پڻ آهي. جوابدار پنهنجي دلچسپي جي عنوان ۾ صرف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي لکي آهي ۽ سندس پروفائل ۾ هڪ پراڻي اخبار جي ڪلپنگ پڻ آهي جنهن ۾ سندس ٽيم روبوٽڪس مقابلو کٽڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.