گهوٽڪي ۾ غيرت جي نالي تي ننڊ ستل عورت ۽ مرد قتل

گهوٽڪي (رپورٽ: شيزار مهر/عرفان علي سومرو) گهوٽڪي جي ماٿيلو ڦاٽڪ ڀرسان ابل ميربحر ۾ مبينا طور غيرت جي نالي تي فائرنگ ڪري ناري حاجرا لوهر مهر ۽ رانوتي واسي نوجوان محمد حنيف راجپوت کي قتل ڪيو ويو آهي. خبر موجب، جوابدارن هڪ گهر ۾ ستل جوڙي تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. پاڙيسرين جي اطلاع تي پوليس پهچي کين اسپتال منتقل ڪيو، جتي ضروري طبي  امداد بعد کين سکر روانو ڪيو پئي ويو ته نوجوان محمد حنيف رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ناري حاجرا مهر سکر نيندي دم ڏئي ڇڏيو. ٻنهي جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آهن. فوت ٿيڻ کان اڳ زخمي نوجوان محمد حنيف هڪ وڊيو بيان ۾ چيو ته عورت جي مڙس ذوالفقار مهر سان سندس پراڻا لاڳاپا هئا. هن ٻڌايو ته ذوالفقار مهر مون کي رانوتي مان پاڻ سان گڏ پنهنجي گهر وٺي آيو ۽ بعد ۾ ساٿين سان گڏجي مون کي ۽ پنهنجي گهر واري کي گوليون هڻي فرار ٿي ويو. جيتوڻيڪ علائقي ۾ اهڙا چوٻول آهن ته ذوالفقار مهر مزدوري لاءِ ملڪ کان ٻاهر ويل آهي، پر نوجوان جي بيان معاملي کي نئون موڙ ڏئي ڇڏيو آهي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعو بظاهر غيرت جو معاملو لڳي رهيو آهي، جنهن جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي. ذريعن موجب پوليس ڪجهه ماڻهن کي حراست ۾ ورتو آهي، پر اڃا تائين گرفتارين جي سرڪاري طور تي تصديق ناهي ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.