ڪراچي ۾ انوکي واردات، ڌاڙيل بجلي جون تارون ٽرڪ ۾ کڻي فرار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال ۾ هڪ انوکي واردات پيش آئي آهي، جتي ڌاڙيل بجلي جون تارون ۽ ٻيو قيمتي سامان ٽرڪ ۾ لوڊ ڪري فرار ٿي ويا. پوليس موجب، گلشن اقبال 13 ڊي ۾ واقع هڪ اپارٽمينٽ ۾ 3 کان 4 هٿياربند جوابدار داخل ٿيا، جن کي ڪي اليڪٽرڪ جي عملي جي وردي پاتل هئي. جوابدارن اپارٽمينٽ جي احاطي ۾ موجود چوڪيدار ۽ سندس پٽ کي تشدد جو نشانو  بڻايو ۽ کين يرغمال بڻائي ورتو. هٿياربند سولائي سان اپارٽمينٽ مان بجلي جون تارون ۽ ٻيو ٽيڪنيڪل سامان ڪڍي ٽرڪ ۾ وجهي فرار ٿي ويا. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وڌيڪ معلومات حاصل ڪئي آهي ۽ شروعاتي جاچ موجب جوابدارن اها سڄي رٿابندي عملي جي روپ ۾ ڪئي. پوليس پاران علائقي جي سي سي ٽي وي فوٽيجز جي مدد سان جوابدارن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.