زراعت ۽ صنعت ۾ سهڪار وڌائڻ جو اعلان/پاڪ-چين لاڳاپا پرڏيهي پاليسي جو اهم جُز آهن:صدر زرداري

بيجنگ(عوامي آواز نيوز) صدرِ مملڪت آصف علي زرداري چين جي شهرچانگشا پهچي ويو۔هونان صوبي جي عوامي ڪانگريس جي نائب چيئرمين  هو زي شنگ سندن آجيان ڪئي۔صدر زرداري چانگشا ۾ قيام دوران صوبي جي قيادت سان اهم ملاقاتون ڪيون۔صدر ۔صدر مملڪت مائوزي تنگ جي جنم ڀومي جو به دورو ڪندو۔دوري دوران سنڌ حڪومت ۽ چيني ڪمپنين وچ ۾ معاهدن جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي،صدر مملڪت ساني هي وي انڊسٽري جو دورو ڪيو، جتي کيس ڪمپني جي جديد تياري واري نظام، تحقيق ۽ واڌاري ۽ صنعتي پيداوار بابت تفصيلي آگاهي ڏني وئي۔هن موقعي تي ساني گروپ جي چيئرمين ٽانگ زيوگو ڪمپني جي برقي نظام سان هلندڙ تياري، خودڪار نظام ۽ مالي ۽ انتظامي ڪارڪردگي تي روشني وڌي، جڏهن ته چانگشا جي نائب ميئر به موجود هئي۔دوري دوران پاڪستان ۽ چين وچ ۾ انجنيئرنگ، تعميراتي مشينري، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ سيڙپڪاري جي  شعبن ۾ سهڪار جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي۔صدر آصف علي زرداري جديد صنعتي نظام، ٽيڪنالاجي جي ميلاپ ۽ پيداوار ۾ بهتري جي عمل کي ساراهيندي چيو ته اهڙا گڏيل منصوبا پاڪستان جي ڍانچي ۽ صنعتي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا۔هن خاص طور تي قابلِ تجديد توانائي، برقي تياري ۽ انجنيئرنگ جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي زور ڏنو۔ جڏهن ته چين طرفان پاڪستان سان صنعتي سهڪار، ٽيڪنالاجي جي ڏي وٺ ۽ گڏيل منصوبن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ويو۔صدر مملڪت آصف علي زرداري چين جي دوري دوران چيني صوبي هونان جي پارٽي سيڪريٽري سان ملاقات ڪئي.ايوان صدر جي پڌرائي مطابق صدر مملڪت صوبي هونان جي گورنر پاران ڏنل ظہرانن ۾ پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات دوران زراعت، صحت، تعليم ۽ واپار جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.صدر آصف زرداري چيو ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم حصو آهن. چين سان لاڳاپا نسلن تائين پکڙيل آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جا دل گڏ ڌڙڪن ٿا.ان موقعي تي صوبي هونان جي گورنر پاڪستان ۽ چين جي دوستي کي مثالي قرار ڏنو. صدر مملڪت زرعي ٽيڪنالاجي ۽ اوزارن جي شعبي ۾ هونان جي مهارت کي ساراهيو.هونان جي صوبائي پارٽي سيڪريٽري شين شياومننگ چيو ته هونان جي يونيورسٽين پاڪستاني ادارن سان تعاون جا 12 معاهدا ڪيا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته 959 پاڪستاني شاگرد هونان جي مختلف شعبن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.صدر آصف زرداري صوبي هونان جي گورنر ماو ويمنگ جي ڊنر ۾ به شرڪت ڪئي. هن چيو ته هونان کي چيئرمين ماوزي تنگ جي جنم ڀومي هئڻ سبب خاص اهميت حاصل آهي، ۽ “طاقت جو سرچشمو عوام آهن” وارو نظريو پاڪستانين لاءِ قابلِ احترام آهي،صدر زرداري سان هن دوري ۾ سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ،چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه،سينيٽر سليم مانڊوي والا،پ پ بلوچستان جو اڳواڻ علي حسن زهري،قاسم نويد ۽ ٻيا اڳواڻ ۽ عملدار گڏ هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.