ٽنڊو محمد خان ۾ سياسي مخالف جي مال پڙي تي پوليس جي چڙهائي، تشدد، ڇڪتاڻ

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: اويس حيدر شورو) ٽنڊو محمد خان جي علائقي ٽنڊوسائينداد ۾ قائم قديمي مال پڙي تي پوليس جي وڏي نفري ڪڙو چاڙهي مال کڻي ايندڙ گاڏين کي واپس ڪري ڇڏيو، جنهن  ڪري علائقي ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي. مالوندن، سياسي سماجي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي پاران ان ڪارروائي خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو. خبر موجب، ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر سميت سنڌ جي مختلف علائقن کان چوپايو مال کڻي ايندڙ واپارين کي روڊن تان ئي واپس موٽايو ويو. مزاحمت ڪرڻ تي ڊرائيورن ۽ مالوندن کي مبينا تشدد جو نشانو پڻ بڻايو ويو. احتجاج ۾ شامل اڳواڻن عبدالحفيظ سٺيو، هرچند لال، ظهور هاليپوٽو، ونود ڪمار ۽ ٻين چيو ته بنا ڪنهن جواز جي مال پڙي کي بند ڪرائڻ هڪ سياسي انتقامي ڪارروائي آهي. پ پ مخالف اتحاد جي اڳواڻ پير احمد سعيد جان سرهندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڳوڻي ايم پي اي حسنين مرزا جي سرهندي هائوس تي چانهه پارٽي ۾ شرڪت کانپوءِ ايم پي اي اعجاز شاهه بخاري انتقامي ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن. هن چيو ته پوليس ذريعي دهشتگردي ڪرائي مالوندن کي هراسان ڪيو پيو وڃي. پير احمد سعيد وڌيڪ چيو ته مال پڙي قانوني طور قائم آهي، جنهن لاءِ عدالت سان رجوع ڪيو ويندو. هن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن ڪارروايون بند نه ٿيون ته ضلعو بند ڪري ڌرڻا هنيا ويندا. ٻئي طرف، حيرت انگيز طور تي مقامي پوليس ۽ ضلعي انتظاميه هن سڄي ڪارروائي تان لاعلمي ظاهر ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.