اسلام آباد(شڪيل ملڪ)پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي وچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سياسي ڇڪتاڻ وڌندي نظر اچي رهي آهي. صدر مملڪت آصف علي زرداري هن وقت چين جي اهم سرڪاري دوري تي آهن، جتي سندن مختلف ملاقاتون ۽ صنعتي زونن جا دورا جاري آهن، پر ان دوري کان اڳ جڏهن صدر زرداري لاهور آيو ته کين اهو پروٽوڪول نه ڏنو ويو جنهن جا هو حقدار هو،اها ڪا پهرين ڀيرو ناهي ته ملڪ ۾ اتحادي حڪومت هجي يا سياسي مخالفن جون حڪومتون الڳ الڳ هجن (مرڪز ۾ ڪنهن جي ۽ صوبي ۾ ڪنهن ٻئي جي). ماضي ۾ جڏهن محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم هئي، تڏهن پنجاب ۾ ميان نواز شريف وزيراعليٰ هو. ان وقت به ائين ٿيندو هو ته جڏهن وزيراعظم لاهور ايندي هئي ته وزيراعليٰ پنجاب سندن استقبال لاءِ نه ويندا هئا. اڄ به ائين ئي ٿي رهيو آهي؛ مريم نواز جيڪا نواز شريف جي نياڻي آهي، اها پنجاب جي وزيراعليٰ آهي. هاڻي جيڪڏهن صدرِ مملڪت، جيڪو ملڪ جو سڀ کان وڏو آئيني عهدو آهي، لاهور اچي ته پروٽوڪول موجب وزيراعليٰ يا گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن سينيئر وزير کي سندن استقبال ڪرڻ گهرجي ها. پر ٿي هي رهيو آهي ته جڏهن به صدر لاهور اچن ٿو، وزيراعليٰ پنجاب يا ن ليگ جي وزيرن سندن استقبال ناهي ڪيو. ها، پ پ جي گورنر ئي سندس استقبال به ڪيو ۽ چين روانگي وقت الوداع به ڪيو.ڇا هي ڪو خاص پيغام ڏنو پيو وڃي؟ پنجاب ۾ پيپلز پارٽي طرفان هڪ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي قائم ڪئي وئي هئي. پيپلز پارٽي چاهي ٿي ته پنجاب جي انتظامي مقررين ۾ سندن عمل دخل هجي ۽ ڪجهه ضلعن ۾ انتظاميه سندن مرضي جي هجي. ان حوالي سان ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي، ايتري تائين جو مريم نواز ڪيترن ئي جلسن ۾ پيپلز پارٽي جو نالو کڻڻ کان سواءِ انهن تي سخت تنقيد ڪئي. پوءِ محسن نقوي وچ ۾ پيو، ڪراچي ۽ لاهور ۾ ملاقاتون ٿيون، وزيراعظم شهباز شريف ۽ نواز شريف جي ملاقاتن کانپوءِ "سيز فائر” (سياسي جنگ بندي) ته ٿي وئي پر پيپلز پارٽي جون خواهشون پوريون نه پيون ٿين.مريم نواز پاران صدر جي استقبال لاءِ نه وڃڻ هڪ سخت ۽ چٽو جواب آهي. پيپلز پارٽي وزارت نه پر آئيني عهدا گهريا هئا، پر گڏوگڏ جن ضلعن مان سندن ايم پي ايز کٽيا آهن، اتي بيوروڪريسي ۽ پوليس جي مقررين ۾ پنهنجي مرضي چاهين پيا. مريم نواز ان تي هڪ اصولي موقف اختيار ڪيو آهي.ڪجهه معاملن ۾ مريم نواز زبردست ڪم ڪيو آهي، جيئن پنجاب کي ڏوهن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ سي سي ڊي جهڙا ادارا قائم ڪيا. مريم نواز ن ليگ جي ويجهن اڳواڻن جي سفارش مڃڻ کان به انڪار ڪيو ۽ ڪرپٽ آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي، جيڪا واکاڻ جوڳي ڳالهه آهي. لاهور جي هڪ ايم پي اي جي بدتميزي تي به هن پوليس اهلڪار جو ساٿ ڏنوجڏهن ته .پيپلز پارٽي چاهي ٿي ته ملائي پاڻ کائي ۽ ذميواري نه کڻي. هنن حڪومت کي ووٽ ڏنو پر وزارتون نه ورتيون ڇو ته کين لڳو پئي ته حڪومت هلي نه سگهندي ۽ ملڪ ڊيفالٽ ڪري ويندو. پر شهباز شريف ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچائي ورتو، جنهن جو ڪريڊٽ کين وڃي ٿو. هاڻي جڏهن حڪومت هلي پئي ته پيپلز پارٽي جي خواهش آهي ته کين پنجاب ڪابينا ۾ حصو ڏنو وڃي، پر مريم نواز ان کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.ٻئي طرف سنڌ ۾ تبديلي تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي. ن ليگ سنڌ ۾ نهال هاشمي کي ذميواريون ڏنيون آهن. نهال هاشمي جون تازو ميان محمد سومرو (سابق گورنر ۽ نگران وزيراعظم) سان ملاقاتون ٿيون آهن. ميان محمد سومرو پرويز مشرف جي تمام ويجها رهيو آهي. پيپلز پارٽي کي انهن ملاقاتن تي ڳڻتي آهي ته سنڌ ۾ سندن خلاف ڪا سرگرمي شروع ٿي رهي آهي. جيڪڏهن ميان محمد سومرو سنڌ جي سياست ۾ سرگرم ٿيو ۽ بيڪ ڊور رابطا ڪيا ته معاملو اڳتي وڌندو ۽ سنڌ جي سياست به گرم ٿيندي.مريم نواز ته پنهنجو چٽو جواب ڏئي ڇڏيو آهي، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته پيپلز پارٽي جو اڳتي ڇا رخ هوندو.
مريم نواز پاران صدر زرداري کي لاهور ۾ پروٽوڪول نه ڏيڻ تي پ پ ناراض؟
لاهور(امداد سومرو) عمران خان جي آزادي لاءِ تحريڪ جي نئين قسط شروع ٿي وئي آهي. اسٽالن تي هي تحريڪ هلائي پئي وڃي. ڪالهه ڪي پي جو وزيرِاعليٰ سهيل آفريدي آزاد ڪشمير ۾ هو، جتي هن جلسو ڪيو ۽ جذباتي تقرير ڪئي.انهن ڳالهين دوران عمران خان ۽هن جي حامين کي اهڙي ريت اميدن جي پٺيان لڳايو ويو ڄڻ کين ڪنهن مداري وانگر استعمال ڪيو پيو وڃي. ڪارڪن نعرا لڳائيندا رهيا ته “ڊي چوڪ، ڊي چوڪ”، پر هاڻي ڊي چوڪ بند ڪيو ويو آهي.اسلام آباد اڳ ئي مڪمل طور بند هو، پر هاڻي اعلان ٿيو آهي ته شهر ٻيهر کوليو ويو آهي، ۽ عام ٽرانسپورٽ بحال ڪئي وئي آهي. امڪان آهي ته ريڊ زون به آهستي آهستي کوليو ويندو.سبب اهو ٻڌايو ويو آهي ته ايران جو پرڏيهي وزير عباس عراقچي اسلام آباد ۾ هو. هاڻي اسلام آباد جي صورتحال ڪجهه بهتر ٿي وئي آهي، ۽ ايندڙ دور بابت امڪان آهي ته ٿوري دير کان پوءِ ٻيهر ڳالهه ٻولهه ٿيندي.ٻئي طرف صدر آصف علي زرداري ڪالهه لاھور ايئرپورٽ کان چيني دوري تي روانو ٿيو هو. کيس گورنر پنجاب سردار سليم حيدر الوداع ڪيو، جڏهن ته ٻيا اعليٰ حڪومتي وزير نظر نه آيا.ماضي ۾ به اهڙا سوال اٿاريا ويندا رهيا آهن ته ڇا صدر يا وزيراعظم کي مناسب سرڪاري پروٽوڪول ملي ٿو يا نه. پيپلز پارٽي جا ماڻهو هن معاملي تي ناراض به نظر اچن ٿا.هاڻي جيڪڏهن چين واري دوري مان ڪا وڏي پاليسي يا معاهدو سامهون آيو ته وڌيڪ وضاحت ٿيندي.ٻئي طرف هڪ الزام جو معاملو به سامهون آيو آهي، جتي مراد علي شاهه هڪ ٽي وي رپورٽر تي شاهراهه ڀٽو تي ڌاڙي جي خبر هلائڻ جو الزام لڳايو. هاڻي ان معاملي تي جيو ٽي وي اندروني جاچ ڪري رهي آهي ته اصل حقيقت ڇا آهي.جيڪڏهن الزام صحيح آهي ته ميڊيا سسٽم کي درست ڪرڻو پوندو، ۽ جيڪڏهن غلط آهي ته پوءِ سياسي بيانن تي به نظرثاني ٿيڻ گهرجي.