يونيورسٽي روڊ کان متاثر ٿيندڙ شهرين کان معذرت ڪريان ٿو:مراد علي شاهه

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته يونيورسٽي روڊ کان متاثر ٿيندڙ شهرين کان معذرت ڪيان ٿو، ۽ ڪوشش ڪنداسين ته ڪراچي جي شهرين کي ٿيل تڪليف جو ازالو ڪيو وڃي، هن چيو ته هن ذميواري پاڻ قبول ڪئي آهي۔زيرِ تعمير ريڊ لائين بي آر ٽي جي دوري دوران هڪ خانگي ٽي وي  سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايف ڊبليو او جو شڪريو ادا ڪريان ٿو، ۽ ٻن کان ٽن ڏينهن ۾ هتي باقاعده سرگرمي نظر ايندي،وڏي وزير چيو ته بي آر ٽي ريڊ لائين لاٽ ٽو جي مين ڪوريڊور جو ٻيهر ٽينڊر ڪيو ويندو، ۽ اميد آهي ته ٻن کان ٽن مهينن ۾ مڪسڊ ٽريفڪ لين جو ڪم مڪمل ٿي ويندو، عوام ٺيڪيدار کي نه پر سنڌ حڪومت کي ڄاڻي ٿي۔ هن وڌيڪ چيو ته چار سال اڳ لاٽ ٽو جو ٺيڪو ڏنو ويو هو پر ان جو ڪم معيار مطابق نه ٿيو، ان ڪري هاڻي ٻيهر منصوبه بندي ڪئي پئي وڃي، ۽ عيد جي موڪلن دوران به ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڏني وئي آهي۔

بي آر ٽي ريڊ لائين لاٽ ٽو جو ڪم ٻيهر شروع

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) ڪراچي ۾ بي آر ٽي ريڊ لائين لاٽ ٽو جو ڪم ٻيهر شروع ٿي ويو آهي۔ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب  موجب يونيورسٽي روڊ تي بي آر ٽي جو ڪم ايف ڊبليو او ڪالهه ٻيهر شروع ڪيو آهي۔ذريعن مطابق بي آر ٽي ريڊ لائين لاٽ ٽو جي مڪس ٽريفڪ لين جو ڪم ايف ڊبليو او حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته لاٽ ٽو جي ڪوريڊور جو ٺيڪو اڃا تائين ڪنهن کي به ناهي ڏنو ويو۔ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ بي آر ٽي ريڊ لائين جي لاٽ ٽو جو ٺيڪو رد ڪيو ويو هو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.