ڪراچي جي تباهي: پ پ سوشل ميڊيا تي نشانو بڻيل،بلاول ڏنڊو کڻندو؟

لاهور(امداد سومرو)وڏي وزير مراد علي شاهه هڪ تقريب دوران اعتراف ڪيو آهي ته کيس ڪراچي جي يونيورسٽي روڊ جي صورتحال تي عوام آڏو سخت شرمندگي محسوس ٿئي ٿي. هن جو چوڻ هو ته هاڻي اسان وٽ عوام جي سوالن جا جواب ناهن رهيا، جنهن ڪري هو کليل نموني پنهنجي شرمندگي جو اظهار ڪري رهيو آهي. يونيورسٽي روڊ جنهن تي شهر جون اهم يونيورسٽيون ۽ اسپتالون واقع آهن، گذريل ڪيترن ئي سالن کان تعميراتي ڪمن جي ڪري کنڊرات بڻيل آهي، جنهن تي سوشل ميڊيا تي مذاق پڻ بڻائي پئي وڃي ته هي روڊ نه پر ايران جهڙي ڪا تباهي آهي. هن روڊ جي دير جو وڏو سبب ريڊ لائن بي آر ٽي جو منصوبو ۽ ڪي فور پاڻي جي پائپ لائن آهي، جيڪا ساڳئي روٽ تان گذري رهي آهي. ريڊ لائن جو ڪم 2022ع ۾ شروع ٿيو هو جنهن کي 2024ع ۾ مڪمل ٿيڻو هو، پر هاڻي 2026ع  اچڻ باوجود ان جي تڪميل جو ڪو پتو ناهي. ذريعن موجب صدر آصف علي زرداري پڻ سنڌ جي وڏن ترقياتي منصوبن جي دير تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. هن هڪ اجلاس ۾ واضح ڪيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت کان ڪم نٿو ٿئي ته اهي منصوبا محسن نقوي حوالي ڪيا وڃن جيڪو لاهور ۽ اسلام آباد ۾ ڏينهن اندر انڊر پاسز ۽ روڊ مڪمل ڪرائي وٺندو آهي. ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪرڻ وارو ڪي فور منصوبو گذريل 22 سالن کان لٽڪيل آهي، جنهن جي لاڳت 14 اربن مان وڌي سوين اربن تائين پهچي وئي آهي. وفاقي حڪومت پاران بجٽ ۾ اعلان ڪيل 40 اربن مان صرف 3 ارب روپيا جاري ڪيا ويا آهن، جنهن تي مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اها ئي رفتار رهي ته منصوبو مڪمل ٿيڻ ۾ اڃا 30 سال لڳندا، ڪراچي جي ترقياتي منصوبن جي سستي رفتاري تي بلاول ڀٽو زرداري کي به هاڻي سخت قدم کڻڻا پوندا، ڇاڪاڻ ته عوام کي جوابده هو پاڻ آهي. لاهور ۾ اورنج لائن ۽ ميٽرو جهڙا منصوبا مهينن ۾ مڪمل ٿين ٿا، پر ڪراچي جا منصوبا سالن تائين ڪرپشن يا نااهلي جي ور چڙهيل آهن. جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري يا مراد علي شاهه انتظامي "ڏنڊو” نه کنيو ته پوءِ ڪنهن ٻئي کي مداخلت ڪرڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته صرف شرمندگي جي اظهار سان ڪراچي جي عوام جا مسئلا حل نه ٿيندا. هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا ان اجلاس جي ڳالهين تي عمل ٿيندو؟ يا بلاول ڀٽو زرداري پاڻ قدم کڻندو؟ ڇو ته هو پارٽي جو اڳواڻ آهي ۽ ماڻهن کي جواب ڏيڻ به سندس ذميواري آهي.ڪراچي جا ماڻهو سوال ڪن ٿا ته ٻين شهرن ۾ منصوبا جلدي مڪمل ٿين ٿا، پر هتي ڇو نه؟ اهو ظاهر ڪري ٿو ته يا ته انتظامي ناڪامي آهي يا ڪرپشن جا مسئلا آهن.آخر ۾ ڳالهه اها آهي ته صرف شرمندگي سان مسئلا حل نه ٿيندا. سخت قدم کڻڻا پوندا. يا ته مراد علي شاهه قدم کڻي، يا بلاول ڀٽو. جيڪڏهن هنن نه کنيا ته پوءِ ڪو ٻيو کڻندو، ۽ پوءِ سڀني کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا.

پ پ، ڪراچي جو هڪ روڊ به ٺيڪ نه ڪري سگهي:سماجي ردعمل

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ريڊلائن رٿا بابت وڏي وزير جي بيان تي سوشل ميڊيا تي ردعمل ڏنو ويو آهي،ايڪس(ٽوئيٽر) تي محمد عارف نالي صارف لکيو ته سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڪراچي ۾ ڪا به رٿا مقرر وقت تي مڪمل ڇو نٿي ٿئي؟ڇا اها نااهلي آهي،بدانتظامي آهي يا پوءِ ڄاڻي واڻي دير کي معمول بڻايو ويو آهي،عوام آخر ڪيستائين اذيت ۽ واعده خلاف برداشت ڪندو؟ زاهد منصوري لکيو ته 18سالن کان قابض پيپلز پارٽي وارا هيل تائين اربين رپيا خرچ ڪري به ڪراچي ۾ هڪ روڊ صحيح نه ڪري سگهيا آهن. دبئي ۾ اربين ڊالرن جون ملڪيتون ٺاهي ورتيون اٿائون، پر ڪراچي ۾ هڪ بي آر ٽي منصوبو مڪمل ڪري نه سگهيا آهن.”صحافي امبر دانش لکيو ته پورو شهر هٿ کڻي پ پ مان ڇوٽڪاري جون دعائون گهري رهيو آهي،علي حامد بيگ لکيو ته اي چورو،رهزنو،ڌاڙيلو،وڏيرئو،آخر ڪيترو  کائيندا؟هي ڪراچي سڀني کي کارائي ٿي،هر ايندڙ کي ڇاتي سان لڳائي ٿي،ان ئي ڪراچي کي توهان ماس وانگر پٽي ڇڏيو آهي؟مير بابر لکيو ته سرڪاري وسيلن سان فريال ٽالپر جا بينر ته لڳي سگهن ٿا پر ڪراچي جي مسئلن لاءِ بينر نٿا لڳي سگهن،اها آهي پ پ جي سرمائيداراڻي ۽ امتيازي سوچ،سعيد احمد آفيشل پيج تي لکيو ويو ته پ پ خلاف مهم بي نامي اڪائونٽس هلائي رهيا آهن جن جو تعلق ايم ڪيو ايم لنڊن سان آهي،انهن جي سپورٽ اينڪر وجيهه ثاني،تابش هاشمي،عمر چيما،اعزاز سيد،مظهر عباس ڪري رهيا آهن،هاڻي جي ڊي سي جو ظفر عباس،فخر عالم کي به ميدان ۾ لاٿو ويو آهي،صحافي فيض الله وڏي وزير جي بيان تي چيو ته هونئن ته احساس هئڻ به غنيمت آهي، پر مون جهڙا هزارين شهري صبح شام ان ذلالت مان گذرن ٿا،سيد محمد شهزاد چيو ته شرم اچڻ ۾ چار سال لڳي ويا،روڊ ٺهڻ ۾ خبر ناهي ڪيتريون صديون لڳنديون؟شمع جوڻيجو لکيو ته هڪ صحافي جي گهرواري بدلي ٿي ته شاهراهه ڀٽو بابت خبر هلائي وئي، ته پوءِ شاهراهه ڀٽو تي شهري کان ڦر واقعو به ڪوڙو آهي. شوزي لکيو ته هن وقت پوري پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي وارن لاءِ مٿي جو سور بڻجي وئي آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.