صدر آصف علي زرداري 5 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي چين روانو

لاهور/اسلام آباد (بيورو) صدر آصف علي زرداري چيني حڪومت جي خصوصي دعوت تي پنجن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي چين روانو ٿي ويو آهي. سرڪاري پڌرنامي موجب، صدر آصف علي زرداري لاهور جي علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان روانو ٿيو، جتي گورنر پنجاب سردار سليم حيدر خان کيس الوداع ڪيو ۽ سندس دوري لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. صدر جو هي دورو 25 اپريل کان پهرين مئي 2026 تائين جاري  رهندو. شڊيول موجب، صدر زرداري 25 کان 27 اپريل تائين صوبي هونان جي شهر چانگشا ۾ هوندو، جڏهن ته 28 اپريل کان پهرين مئي تائين صوبي هينان جي شهر سانيا ۾ قيام ڪندو. دوري دوران هو چيني صوبائي اختيارين ۽ اعليٰ قيادت سان ملاقاتون ڪندو، جن ۾ پاڪ چين ٻطرفن لاڳاپن، اقتصادي ۽ تجارتي تعاون سميت سي پيڪ منصوبن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب، هي دورو ان ڪري به اهم آهي جو هن سال پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن کي 75 سال مڪمل ٿي رهيا آهن. صدر جي هن دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ سهڪار ۽ معاشي ڀائيواري کي وڌيڪ هٿي ملندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.