پي ايس ايل: حيدرآباد مڙسي ڪري پلي آف ۾ پهچي ويو، لاهور ٻاهر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل جي انتهائي اهم مقابلي ۾ حيدرآباد ڪنگزمين راولپنڊيز کي 108 رنسن تان شڪست ڏئي لاهور قلندرز کي ٽائيٽل جي ڊوڙ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو ۽ پلي آف مرحلي ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.
ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ راولپنڊيز ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ ڪئي ۽ حيدرآباد پهريان کيڏندي مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 244 رنسون ٺاهيون.
حيدرآباد طرفان ميڪسويل جارحاڻي بيٽنگ ڪندي 37 بالن تي 70 رنسون ٺاهيون، ان کانسواءِ عثمان خان 54 ۽ ڪوشل پريرا 50 رنسن جي اننگز کيڏي.
جواب ۾ راولپنڊيز 17.1 اوورن ۾ 136 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
راولپنڊيز طرفان عثمان خواجا 66 رنسون ٺاهيون پر ٻئي ڪنهن بيٽر سندس ساٿ نه ڏنو، محمد رضوان 26، سيم بلنگز 23 رنسون ٺاهيون.
حيدرآباد طرفان حنين شاهه 4 ۽ عاڪف جاويد 3 شڪار ڪيا.
واضح رهي ته حيدرآباد کي پلي آف تائين پهچ لاءِ راولپنڊيز کي 158 رنسن تائين محدود رکڻو هو.
حيدرآباد جي پلي آف ۾ پهچڻ سبب دفاعي چيمپيئن لاهور جي ٽيم ايونٽ کان ٻاهر ٿي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.