اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ايران کي واپار ۾ سهولت ڏيڻ جو وڏو فيصلو ڪندي پاڪستان ذريعي ڪنهن ٽئين ملڪ لاءِ ايران کي واپار جي اجازت ڏئي ڇڏي.
واپار واري وزارت پاڪستان ذريعي سامان ٽرانزٽ آرڊر 2026 جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو.
نوٽيفڪيشن موجب وفاقي حڪومت امپورٽ، ايڪسپورٽ ڪنٽرول ايڪٽ 1950 ۾ ترميمون ڪيون آهن، حڪم نامو فوري طور لاڳو ٿيندو.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اهو حڪم انهن ٽرانزٽ شين جي چرپر تي لاڳو هوندو، جيڪي ڪنهن ٽئين ملڪ مان روانيون ٿين، ٽرانزٽ شيون پاڪستان ذريعي ايران جي ڪنهن هنڌ تائين پهچايون وينديون.
پاڪستان طرفان سامان جي چرپر لاءِ روٽ به مقرر ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ گوادر، پورٽ قاسم، لياري، اورماڙا، پسني ۽ گبد روٽ شامل آهن.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته خضدار، دالبدين، تفتان، گوادر ۽ تربت جا رستا حڪم نامي جو حصو آهي، جڏهن ته هوشاب، پنجگور، ناگ، بيسيمه، ڪوئيٽا/لڪ پاس ۽ نوڪنڊي جا رستا به حڪم نامي ۾ شامل آهن.
نوٽيفڪيشن موجب سامان جي چرپر ڪسٽمز ايڪٽ 1969 تحت ٺاهيل قاعدن ۽ ايف بي آر طرفان مقرر ڪيل طريقي ڪار موجب ٿيندي.
You might also like