واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) وائيٽ هائوس جي صحافين جي ايسوسيئيشن جي سالياني ڊنر تقريب دوران اوچتو فائرنگ جو واقعو پيش آيو، جنهن کانپوءِ صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ خاتون اول کي فوري طور محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب تقريب واشنگٽن هلز ۾ جاري هئي ته اوچتو زوردار آواز ٻڌا ويا، جنهن تي اتي موجود ماڻهو خوف وچان ميزن هيٺان لڪي ويا، جڏهن ته سيڪيورٽي اهلڪار فوري طور صدر ٽرمپ کي گهيرو ڪري ٻاهر وٺي ويا.
واقعي کانپوءِ اعليٰ اختيارين کي به فوري طور ٻاهر ڪڍيو ويو، جن ۾ آمريڪي خاتون اول، نائب صدر جي ڊي وينس، ڪابينا ميمبر ۽ ٻيا موجود هئا.
سيڪيورٽي اهلڪارن شڪي حملي آور کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته 31 ورهين جو شڪي حملي آور ڪيليفورنيا رياست جو رهواسي آهي.
وائيٽ هائوس جي سالياني صحافتي ڊنر ۾ فائرنگ، ٽرمپ محفوظ رهيو، حملي آور گرفتار
You might also like