اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي هڪ ڀيرو ٻيهر اسلام آباد پهچي ويو.
عباس عراقچي مسقط کان اسلام آباد پهتو آهي، جڏهن ته ڳالهين لاءِ تهران مان ايراني وفد به پاڪستان پهتو آهي.
ذريعن موجب ايراني پرڏيهي وزير پاڪستاني قيادت سان ٻيهر ٻه طرفي ملاقات ڪندو.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير سان ڌار ڌار ملاقاتن کانپوءِ مسقط روانو ٿي ويو هو.
عباس عراقچي کي مسقط کان ماسڪو وڃڻو هو پر هو ٻيهر اسلام آباد آيو آهي.
You might also like