ڪراچي (عوامي آواز نيوز) سنڌ حڪومت جي ترجمان سکديو همناڻي، راشد شاهه راشدي جي بيانن کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو آهي، سکديو همناڻي سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ چيو ته فنڪشنل ليگ جي پ پ ايم پي ايز بابت ڪيل دعويٰ کل جوڳي آهي، اهي سموريون سياسي ڪهاڻيون عوام جي ووٽ آڏو ختم ٿي وڃن ٿيون، 2024ع ۾ عوام سمورن سياسي يتيمن کي بدترين شڪست ڏني هئي، سنڌ جو عوام پيپلزپارٽي کي پنهنجو مسيحا سمجهي ٿو، هر اليڪشن دوران عوام پيپلزپارٽي کي وڌيڪ اڪثريت سان چونڊيندو آهي، پيپلزپارٽي خلاف هميشه کان اتحاد ٺهندا رهندا آهن، پيپلزپارٽي ڪنهن به اتحاد کان نه خوفزده ٿي آهي، نه ئي اڳتي ٿيندي.