ٺيڙهي واقعي تي ڪاشف سعيد شيخ جو ايس ايس پي خيرپور سان رابطو

ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ ٺيڙهي واقعي تي ايس ايس پي خيرپور ميرس امير سعود مگسي سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو، واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو، هن چيو ته ٽنڊو مستي ۾ روبينا چانڊيو ۽ معصوم ٻارڙي انيسا  ڦل جي بي رحماڻي قتل کان وٺي ٺيڙهي واقعي تائين ملوث ماڻهو سماج لاءِ ناسور آهن، اهڙن دل ڏکائيندڙ واقعن جي روڪٿام لاءِ حڪومت ۽ قانون جي رٽ قائم ڪئي وڃي ۽ ملوث ماڻهن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي، جيڪڏهن اڳين واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي قرار واقعي سزا ملي ها ته اڄ وري ٻيهر ڪنهن کي اهڙي غلط حرڪت جي جرئت نه ٿئي ها، واقعي ۾ ملوث  ٽن ماڻهن جي گرفتاري تي صوبائي امير پوليس جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.