آمريڪا-ايران ۾ ڳالهيون ٿينديون يا نه؟صورتحال غيريقيني

اسلام آباد(نبيهه احمد)اڃا تائين اهو واضح ناهي ته اڄ اسلام آباد ۾ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهيون ٿينديون يا نه، ۽ جيڪڏهن ٿيون ته اهي ڪيئن ٿينديون.آمريڪا جو چوڻ آهي ته سندس وفد ڇنڇر ڏينهن اسلام آباد ويندو. ايران جو پرڏيهي وزير اڳي ئي اتي موجود آهي، پر تهران جو چوڻ آهي ته هي دورو خطي جي ٽن ملڪن تي مشتمل هڪ سفارتي دوري جو  حصو آهي.ايران جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ سڌي ريت ڳالهين جو ڪو به منصوبو ناهي.ايران کي آمريڪا تي ڀروسو ناهي،گڏوگڏ اهو فوجي تياريون به جاري رکيون اچي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.