نوان سياسي ۽ انتظامي ڍانچا، ملڪ مان استحڪام لڏي ويو: عائشا صديقا

نيو يارڪ (عوامي آواز رپورٽ) نامياري تجزئي نگار عائشا صديقا چيو آهي ته فيلڊ مارشل جي مقرريءَ واري نوٽيفڪيشن کانپوءِ پاڪستان ۾ هڪ نئون سياسي نظام جوڙيو ويندو، جنهن جو مقصد گورننس ۾ سڌارا آڻڻ هوندو پر ان جا نتيجا وڌيڪ سياسي عدم استحڪام جي صورت ۾ نڪري سگهن  ٿا. هڪ خانگي پروگرام ۾ تجزيو پيش ڪندي عائشا صديقا چيو ته ايندڙ ٻن سالن لاءِ جاري ٿيندڙ نئين سياسي ۽ انتظامي ڍانچي کانپوءِ عمران خان سميت ٻين سياسي اڳواڻن جي حالت وڌيڪ خراب ڪئي ويندي. هن چيو ته گهرو وزارت ۾ حاضر سروس فوجي آفيسر کي ايڊيشنل سيڪريٽري مقرر ڪرڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سويلين حڪومت جو دائرو سوڙهو ٿي رهيو آهي. عائشا صديقا موجب، سياسي پارٽين (ن ليگ ۽ پي پي پي) پاڻ پنهنجا هٿ ڪٽي طاقتور حلقن کي ڏئي ڇڏيا آهن. هن چيو ته مغلن جي تاريخ شاهد آهي ته جڏهن توهان پاڻ پنهنجي گهر جون چاٻيون ڪنهن ٻئي کي ڏيندا آهيو ته پوءِ رڳو مرثيه ئي لکي سگهجن ٿا. هن چيو ته عمران خان هڪ سياسي حقيقت آهي ۽ کيس سندس سياسي حق ملڻ گهرجن، پر طاقتور حلقن جي اها نفسيات بڻجي وئي آهي ته هو پاڻ کي خدا جو تحفو سمجهن ٿا ۽ چاهين ٿا ته سڀ ڪجهه سندن مرضي موجب هلي. هن چيو ته جڏهن جونيئر آفيسرن (ميجر، ڪرنل ۽ برگيڊيئر) کي سياسي ۽ معاشي منصوبن ۾ لڳايو ويندو ته ڪجهه عرصي بعد شڪايتون وڌنديون ۽ اداري جي اندر مان ئي تبديليءَ جو آواز اٿندو، جنهن سان هڪ نئون سياسي بندوبست سامهون ايندو.  پاڪستان-افغانستان لاڳاپن تي ڳالهائيندي هن چيو ته چين جي ٽياڪڙي مان ڪو خاص فائدو نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته طالبان پنهنجي مزاج ۾ آزاد آهن. اسان کين پليٽ ۾ رکي سڀ ڪجهه ڏنو پر هو هاڻي ڪنٽرول کان ٻاهر آهن. عائشا صديقا چيو ته ملڪ ۾ استحڪام جو ڪو امڪان نظر نٿو اچي، ڇاڪاڻ ته سياسي اڳواڻ بي شرم، لالچي ۽ رڳو پنهنجي ٻارن جي حڪمرانيءَ لاءِ فڪرمند آهن. هن چيو ته طاقت جو خمير ساڳيو ئي رهي ٿو، کڻي ان کي ڪهڙو به نئون نالو ڏنو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.