پ پ جا 50 سيڪڙو ايم پي اي اسان سان گڏ آهن: راشد شاهه راشدي

گمبٽ (عوامي آواز نيوز) فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ راشد شاهه راشديءَ دعويٰ ڪئي آهي ته پيپلز پارٽي جا 50 سيڪڙو ايم پي اي هن وقت اسان سان گڏ آهن، پر في الحال بزدل ماڻهن جي جاءِ ناهي انهن لاءِ آخري مرحلي ۾ دروازا کولينداسين، عمران خان پنهنجي مرضي سان جيل ۾ ويٺو آهي، ڪنهن زبردستي پڪڙي اندر ناهي ڪيو، هو  هوشيار ماڻهو آهي، هُن سڄي دنيا گهمي آهي، گمبٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راشد شاهه راشدي چيو ته سنڌ حڪومت جا 3 کان 4 وزير به انهن جا هم خيال آهن ۽ رابطي ۾ آهن، بزدل ماڻهن لاءِ فنڪشنل ليگ ۾ ڪا به گنجائش ناهي، پر جيڪي وفادار آهن انهن لاءِ آخري مرحلي ۾ دروازا کوليا ويندا، راشد شاهه راشدي خيرپور ۾ پيش آيل ڊرون حملي واري واقعي تي سخت ردعمل ڏيندي چيو ته ائين لڳو جيئن اسرائيل فلسطين تي حملا ڪري ڏنو هجي، ڊرون جو غلط استعمال ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي، واقعي جي اڻڌري جاچ ڪئي وڃي، هاڻ ڊرون حملن کي سياسي انتقامي طور استعمال ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته راشد شاهه راشدي معظم خان عباسي، مير مظفر بروهي، شاھدالرسول چيما، امير طارق حسين ڪٻر، رئيس نويد خان ٻانڀڻ، رئيس ارسلان خان ٻانڀڻ، رئيس فھد بشير ٻانڀڻ ۽ ٻين سان گڏ پير وسڻ ۾ قتل ٿيل نياڻي انيسا ڦل جي بي دردي سان ٿيل قتل تي سندس وارثن سان تعزيت پڻ ڪئي ۽ جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏيارڻ جي گهر ڪئي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪجهه صبر ڪريو، اسان نڪرنداسين، سنڌ جا ”ببر شير“ فنڪشنل ليگ ۾ شامل ٿيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.