ڪراچي ۾ 3 مبينا پوليس مقابلا، 2 ڏوهاري مارجي ويا

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ 3 مبينا پوليس مقابلا ٿيا، جن ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا، عبدالله ڪاليج ويجهو پوليس مقابلي دوران هڪ ڏوهاري مارجي ويو، پوليس موجب ڏوهاري جي قبضي مان هٿيار ۽  موبائل فون سميت ڦر ٿيل سامان به هٿ ڪيو ويو، ٻئي واقعي ۾ رضويه جهانگير آباد ندي ويجهو مقابلي دوران هڪ ڏوهاري مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ملير سٽي ۾ به پوليس مقابلي دوران هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويو، ٻئي طرف ڪورنگي عوامي ڪالوني ۾ هوٽل تي ڦر جي واردات ٿي، جتي 2 ڏوهاري نقدي ۽ موبائل فون کسي فرار ٿي ويا، ڊفينس وييو ۾ 5 ڏوهارين جي گهر ۾ ڌاڙي جي ڪوشش کي شهرين ناڪام بڻايو، شهرين گهر ۾ داخل ٿيندڙ ڏوهارين جي موٽرسائيڪل کي زنجيرن سان ٻڌي ڇڏيو، ڏوهاري شهرين کان بچڻ لاءِ فائرنگ ڪندي پنڌ ڀڄي ويا، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، وڊيو ۾ 3 ڏوهارين جا چهرا واضح نظر اچي رهيا هئا جڏهن ته 2 ڏوهاري هيلمٽ پاتل نظر آيا، پوليس موٽرسائيڪلون تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.