قاضي احمد (رپورٽ: رپورٽ مومن جوڻو) قاضي احمد باءِ پاس تي غيرقانوني ٽول پلازا قائم ڪرڻ خلاف انسان دوست ويلفيئر قاضي احمد جي سڏ جي مختلف سياسي ۽ سماجي ڌرين، جسقم شهيد بشير خان گروپ، ايس ٽي پي، ايس يو پي ۽ ٻين هڪ گڏيل موقف اختيار ڪندي شٽر ڊائون هڙتال جي ڀرپور حمايت سان قاضي احمد شھر اند ڪاروباري مرڪز، بازارون ۽ دڪان مڪمل طور بند رهيا، ھڙتال دوران شهر ۾ مجموعي طور ماحول پرامن رهيو، جڏهن ته احتجاج ۾ حفيظ جوڻو ڪامريڊ ايم بي ڏاھري آفتاب گبول قربان علي مھڙ ايم ايس لاکو سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري پنهنجي احتجاج کي منظم ۽ پُرامن انداز ۾ رڪارڊ ڪرايو، سيڪيورٽي جي حوالي سان انتظاميان طرفان سخت قدم کنيا ويا، جتي ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کان بچڻ لاءِ شهر اندر ۽ خاص طور ٽول پلازا واري هنڌ تي پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي، احتجاج ڪندڙ ڌرين واضح طور خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن غيرقانوني ٽول پلازا ختم نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو، هنن چيو ته حڪومت طرفان مختلف وقتن تي اسان کي هراسان ڪيو پيو وڃي، ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس طرفان لٺبازي ڪري گرفتاريون به ڪيون ويون، اسان غيرقانوني ٽول پلازا کي نٿا مڃون، حڪومت کي گهرجي ته اهو فيصلو واپس ورتو وڃي.