اسلام آباد (بيورو) وفاقي ڳڻپ کاتي پاران جاري ڪيل هفتيوار رپورٽ موجب ملڪ ۾ مهانگائي جي سالياني شرح وڌي 13.98 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. رپورٽ موجب، گذريل هفتي مهانگائي جي هيءَ شرح 12.16 سيڪڙو هئي، جيڪا هاڻي وڌي وئي آهي. هڪ هفتي دوران عام واهپي جي 19 ضروري شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو، جن ۾ پٽاٽا، آنا، ٻاڪرو گوشت، ڪڪڙ جو گوشت، بريڊ ۽ کاڄرو شامل آهن. پٽاٽن جي اگهه ۾ 3.13 سيڪڙو واڌ ٿي. ٻئي طرف، ڪجهه شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي پڻ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. ٽماٽا 27.65 سيڪڙو ۽ بصر 9.35 سيڪڙو سستا ٿيا آهن، جڏهن ته ڊيزل، ايل پي جي، اٽو ۽ کنڊ جي قيمتن ۾ به ڪمي آئي آهي. ڳڻپ کاتي جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ سالياني شرح وڌي آهي، پر هفتيوار بنيادن تي مهانگائي ۾ 0.33 سيڪڙو جي معمولي گهٽتائي ٿي آهي. مجموعي طور تي 23 شين جون قيمتون برقرار رهيون آهن.