اسلام آباد (بيورو/ ع آ نيوز) وفاقي حڪومت هڪ ڀيرو وري مهانگائي ماريل عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو، حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ وڏو اضافو ڪري ڇڏيو، حڪومتي اعلان موجب پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 26 رپيا 77 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ به 26 رپيا 77 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو، پيٽروليم ڊويزن طرفان قيمتن ۾ واڌ جو باقاعده نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو، نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي نئين قيمت 393 رپيا 35 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي نئين قيمت 380 رپيا 19 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي، نيون قيمتون 12 وڳي کان لاڳو ڪيون ويون، جڏهن ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي واڌ کان پوءِ عوام جون رڙيون نڪري ويون، سوشل ميڊيا تي پيٽرول ۾ واڌ کان پوءِ باهه ٻري وئي، حڪومت مٿان سخت تنقيد ڪئي وئي، ٽوئيٽر، فيس بڪ ۽ ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ وفاقي وزيرن جون ميميز به ٺاهيون ويون، سوشل ميڊيا واهپيدارن جو چوڻ هو ته حڪومت وري عوام کي وڏي خوشخبري ڏني آهي، هڪ واهپيدار لکيو ته اهڙيون خوشخبريون اڳتي به ملنديون رهنديون ڇو ته عوام ڪجهه چوي ئي نٿو، عوام سُتو پيو آهي، هر ڀيري پيٽرول ۽ ڊيزل جي واڌ تي عوام جي خاموشي سبب حڪومت پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏي ٿي، جڏهن ته ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پيٽرول پمپ بند ٿيڻ شروع ٿي ويا، شهرين پاران دانهون ڪيون ويون ته پيٽرول سستو ٿيندو آهي پوءِ پيٽرول پمپ مهانگا ٿي ويندا آهن، مهانگو ٿيندو آهي ته پوءِ به پيٽرول پمپ وارا عوام سان زيادتي ڪندا آهن، ٻئي پاسي پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته علائقائي ڇڪتاڻ سبب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ ٻيهر اضافو ٿي رهيو آهي، وڌندڙ قيمتن ۽ عالمي معاهدن جي ڪري حڪومت کي اهو بار عوام تائين منتقل ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻا پيا، هن چيو ته انهن حالتن کي نظر ۾ رکندي ايندڙ هفتي لاءِ ڊيزل ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 26 رپيا 77 پيسا في ليٽر اضافو ڪيو پيو وڃي، حڪومت جيترو ممڪن ٿيو اوترو عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ واڌ جو بار پاڻ برداشت ڪيو، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن گڏجي عوام کي تاريخي رليف پيڪيج فراهم ڪيو آهي، هن اميد ظاهر ڪئي ته علائقائي امن جلد بحال ٿئي ته جيئن عوام کي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ رليف ڏئي سگهجي.