حيدرآباد جي هوائن ۾، ڪتاب جي خوشبوءِ

رکيل مورائي

23 اپريل تي ڪتابن جو عالمي ڏينهن هُئو، دنيا جا اُهي ماڻهو جيڪي ڪتاب پڙهن ٿا، ڪتاب سانڍين ٿا، اُهي ڪالهوڪي ڏينهن کي ڪنهن مقدس ڏينهن وانگر ملهائين ٿا. ڪتابن سان محبت جو وچن ورجائين ٿا، دوستن کي ڪتاب سوکڙي ڪري ڏين ٿا، محبوبائن کي ڪتابن مان ڪوتائون پڙهي ٻڌائن ٿا ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪن ٿا. ٻئي پاسي ادارا آهن، جيڪي ڪتاب ڇپرائن ٿا، وڪرو ڪن ٿا، ميلا لڳائين ٿا، جيئن ڪتاب سڌو سنئون پڙهندڙن تائين پهچي سگهن. پڙهيا وڃن ۽ پڙهندڙن جي دلين تائين رسائي حاصل ڪري سگهن.

دنيا جي هن وڻندڙ ڏينهن تي ڪتابن جي دنيا سان جڙيل ماڻهو پنهنجن چهرن تي سرهائي آڻي، جنهن به شخص جي هٿ ۾ ڪو ڪتاب آهي ان کي کلي کيڪارن ٿا. ڪتاب ڏيکارن ٿا ۽ دل ۾ هڪ اطمينان حاصل ڪن ٿا.

ڪالهه واري ڪتابن بابت هن يادگار ڏينهن کي پنهنجو سمجهڻ جي نيڪ خواهشن جو اظهار مڙني ماڻهن سان گڏ هجڻ جي يقين ڏيارڻ طور هڪ ڏينهن اڳ کان سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت واري کاتي پاران سنڌ جي اڳوڻي راڄڌاني هوائن جي شهر حيدرآباد ۾ ٻن ڏينهن جو ڪتابي ميلو لڳائڻ جو تعريف جوڳو بندوبست ڪيو ويو هُئو، پڪ سان حيدرآباد جو سنڌ ميوزيم ڪالهه کان ڪتاب جي خوشبوءِ سان واسيل آهي. ثقافت کاتي پاران هن ڏينهن کي ملهائڻ لاءِ نه فقط سنڌ جي مڙني ڪتاب ڇاپيندڙ ادارن کي ڪوٺيو ويو هُئو پر ملڪ جي ڪن ناميارن سرڪاري توڻي غير سرڪاري ادارن کي پڻ ميزبانيءَ جو شرف بخشيو ويو هُئو.

ثقافت کاتي پاران گهڻي تعريف وارو ڪم اهو ڪيو ويو هُئو ته ميلي ۾ شريڪ ٿيندڙ ڪنهن به ڇاپخاني لاءِ اسٽال مفت فراهم ڪيو ويو هُئو ۽ انهن لاءِ ممڪن سهولتون پڻ ميسر ڪيون ويون هُيون، جنهن سبب ڪتاب ڇاپيندڙ ادارن توڻي ڪتاب وڪرو ڪندڙ ادارن ۽ شخصيتن ته پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ئي آهي پر گهڻي خوشي انهن ڪتاب پڙهندڙن لاءِ آئي آهي، جيڪي ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن کان چڱو پري رهندڙ آهن، حيدرآباد سنڌ جي وچ تي آهي ۽ هر شخص جي پهچ ان تائين آسان آهي.هن ميلي مان جيڪو فائدو پوڻو آهي اُهو هيءُ آهي ته ممڪن حد تائين سنڌ جو نوجوان جيڪو ميڊيا جي ناڪاري پرچار جي اثر هيٺ ڪتابن کان پري ٿي رهيو آهي ان لاءِ ڪتابن سان ويجهڙائي رکڻ جو اتساهه پيدا ٿيندو.

سماج جنهن ناڪاري رُخ ۾ تيزيءَ سان ڪنهن ڊوڙ ۾ آهي ان جي هٿ ۾ ڪتاب اچڻ سان ان ۾ سانتيڪو ماحول ۽ سڀاءُ واسو ڪندو هو، ڪي گهڙيون ڪتاب پڙهڻ لاءِ وقت ڪڍي پنهنجي روح کي سڪون بخشيندا ۽ ائين اڪثر ماڻهو، جنهن کي اسان سماج چئون ٿا ان ۾ هڪ شفي تبديلي ڪَرُ موڙڻ شروع ڪندي، جيڪا تبديلي سياست جي ناڪاري ڪار گذارين سبب سماج مان ختم ٿي رهي آهي. ڪتاب دوست ماحول سنڌ  جي گهرج آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ اها ڌرتي به آهي، جتي دنيا جا پهريان ڪتاب لکيا ويا ۽ پڙهيا ويا آهن.  ڪيڏو بهتر ٿئي جو اها سنڌ ٻيهر سجاڳ ٿئي جيڪا ڪتابن جي، علم جي، امن جي ۽ سُڪون جي ڌرتي هئي.

پڪ آهي، هيءُ ڪتابن جو ميلو نه فقط سنڌ کي امن، سُڪون ۽ شانتيءَ وارو ماحول ميسر ڪندو پر دنيا جي علم سان جڙندو، دنيا جي ڪتابن سان جڙندو، ڪتاب پڙهندڙ ماڻهن سان جڙندو هن ڪتابن جي عالمي ڏينهن کي سنڌ ۾ ملهائڻ لاءِ، سنڌ ثقافت کاتي جي نيڪ ۽ وڻندڙ عمل جي ڪنهن به طرح اسان ڪتاب دوست، علم دوست ۽ ادب دوست ماڻهن کي ته تعريف ئي ڪرڻ گهرجي ان کان ٻاهر سنڌ حڪومت جي ناساراهڻ جهڙي ڪِرت به سنڌي وساري نه سگهندا ۽ يقينن اسين سڀ انهن ماڻهن سان پڻ جڙيل آهيون جيڪي سنڌ حڪومت جي ناڪاري عملن سبب زندگيءَ جي الڳ الڳ حوالن ۾ تڪليفون ڪاٽي رهيا آهن. سنڌ حڪومت جي ثقافت واري کاتي جو هيءُ عمل سنڌ جي شعور لاءِ غير مشروط پنهنجائيءَ وارو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.