تھران (م ڊ) ايراني صدر ۽ پارليامينٽ جي اسپيڪر پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ ملڪي اتحاد جو واضع پيغام ڏيندي چيو آهي ته ايران ۾ نه ڪو شدت پسند آهي ۽ نه ئي ڪو اعتدال پسند، اسان سڀ رڳو ايراني ۽ انقلابي آهيون. ايراني قيادت چيو ته ملڪ جي دفاع لاءِ پوري قوم متحد آهي ۽ اسان ڪنهن به صورت ۾ جارحيت کي برداشت نه ڪنداسين. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته جيڪو به ايران خلاف جارحاڻا قدم کڻندو، ان ڏوهاري کي سندس اپائن تي پڇتائڻ تي مجبور ڪيو ويندو. ايراني صدر ۽ اسپيڪر پنهنجي بيان ۾ هڪ خدا، هڪ اڳواڻ، هڪ قوم ۽ هڪ رستو جو نعرو بلند ڪندي چيو ته اهو ئي ايران جي فتح جو اصل رستو آهي. هنن چيو ته انقلابي رستو اسان کي پنهنجي جان کان به وڌيڪ پيارو آهي ۽ ان تان ڪنهن به صورت ۾ هٽي نه سگهبو. ايراني قيادت جي هن بيان کي عالمي ڇڪتاڻ جي تناظر ۾ انتهائي اهم قرار ڏنو پيو وڃي، جنهن ذريعي دنيا کي ايراني قوم جي ٻڌيءَ جو پيغام پهچايو ويو آهي.