سنڌ حڪومت ۽ احتساب وارو معاملو

پروفيسر توصيف احمد

گل پلازا ڪراچي جي مشهور شاپنگ سينٽر ۾ 17 جنوري 2026 تي لڳندڙ خوفناڪ باهه جي رپورٽ اڃا تائين جاري ناهي ڪئي وئي۔ هن سانحي ۾ لڳ ڀڳ 80 ماڻهو فوت ٿيا هئا۔ بلديه ڪراچي ۽ ٻين ادارن جا فائر بريگيڊ 48 ڪلاڪن تائين به باهه تي قابو نه آڻي سگهيا هئا۔ شروعات ۾ هن واقعي ۾ نقصان کي گهٽ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي۔

جڏهن ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي سوال اٿيا ته ذميواري صرف ميونسپل ڪمشنر تي وڌي وئي ۽ کيس عهدي تان هٽايو ويو، بعد ۾ ڪمشنر ڪراچي جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي۔ سياسي جماعتن ۽ سول سوسائٽي هڪ ماتحت آفيسر جي جاچ رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي، جنهن بعد صوبائي حڪومت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان درخواست ڪئي ته هڪ جوڊيشل ٽربيونل قائم ڪيو وڃي۔ ان کان پوءِ جسٽس آغا فيصل کي ٽربيونل جو سربراهه مقرر ڪيو ويو، جنهن گهڻي محنت سان جاچ مڪمل ڪئي۔ سرڪاري آفيسرن، گل پلازا جي واپارين، انتظاميا ۽ فوت ٿيل ماڻهن جي وارثن ٽربيونل آڏو بيان ڏنا۔ ٽربيونل گذريل هفتي پنهنجي رپورٽ سنڌ حڪومت حوالي ڪري چڪو آهي۔ حڪومت قانوني طور پابند آهي ته اها رپورٽ عوام آڏو آندي وڃي، پر اڃا تائين اها جاري ناهي ڪئي وئي۔ ان جي بدران سنڌ جي وڏي وزير هڪ نئين ڪميٽي قائم ڪئي آهي، جنهن جو ڪنويئر صوبائي وزير داخلا  ضياءَ لنجار کي بڻايو ويو آهي، جڏهن ته ناصر شاه ۽ اڪرم ڌاريجي کي ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي۔ سرڪاري بيان موجب، ٽربيونل جي رپورٽ ۾ ڄاڻايل خامين جو جائزو وٺي انهن کي درست ڪرڻ لاءِ سفارشون تيار ڪيون وينديون ۽ انهن تي عملدرآمد جي نگراني ڪئي ويندي۔ وزير داخلا جو چوڻ آهي ته اها ڪميٽي حڪومت جي سنجيدگي ظاهر ڪري ٿي۔

ٽربيونل آڏو انتظامي ۽ پوليس آفيسرن سان گڏ امدادي ادارن جا نمائندا، واپاري، متاثرن جا وارث ۽ سول سوسائٽي جا ڪارڪن به پيش ٿيا۔ فاروق ستار پڻ پنهنجي وڪيل سان گڏ پيش ٿيو، پر کيس هدايت ڪئي وئي ته پنهنجا موقف اي ميل ذريعي جمع ڪرائي۔ فائر بريگيڊ کاتي جي سربراهه ٻڌايو ته کاتي وٽ وڏي پيماني جي باهه وسائڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي موجود ناهي۔ هڪ آفيسر چيو ته بار بار لوڊشيڊنگ سبب فائر اسٽيشنن جو ڪم متاثر ٿيندو آهي۔ پاڻي جي فراهمي به مسئلو آهي پهرين گندو پاڻي ايندو آهي ۽ پوءِ صاف پاڻي، جيڪو فائر ٽينڊرن تائين پهچايو ويندو آهي۔ گل پلازا جي باهه وسائڻ لاءِ لڳ ڀڳ 20 ميل پري صفورا ۽ نارٿ ناظم آباد مان پاڻي آندو ويو، جنهن ڪري ڪلاڪن تائين پاڻي دستياب نه رهيو۔ جاچ دوران اهو به سامهون آيو ته عمارت ۾ قاعدن جي ڀڃڪڙي ڪندي لڳ ڀڳ 900 دڪان ٺاهيا ويا هئا، جنهن سبب رستن جي جاءِ محدود ٿي وئي هئي  ۽ باهه وسائڻ جا مناسب انتظام به نه هئا۔ متاثرن جي وارثن ٻڌايو ته باهه لڳڻ کان ڪلاڪن پوءِ به سندن عزيزن سان موبائل تي رابطو هو، پر عمارت جا دروازا بند هئا۔ ريسڪيو ٽيمون 24 ڪلاڪن تائين اندر وڃڻ لاءِ ڀتيون به نه ٽوڙي سگهيون، ڇاڪاڻ ته انهن وٽ اهڙا اوزار موجود نه هئا۔ پوسٽ مارٽم رپورٽن مان معلوم ٿيو ته گهڻا ماڻهو دم گهٽجڻ سبب فوت ٿيا۔

ڪجهه ماڻهن مسجد جو دروازو ٽوڙي پاڻ بچايو۔ دير سان پهچندڙ فائر بريگيڊ، ٽريفڪ جام ۽ غير منظم هجوم به ريسڪيو ڪاررواين ۾ رنڊڪ بڻيا۔ ٽربيونل کي اهو به ٻڌايو ويو ته سنڌ حڪومت جو اليڪٽرڪ انسپيڪٽر نظام غيرفعال آهي، جنهن جو ڪم عمارتن ۾ بجلي جي نظام جي جاچ ڪرڻ آهي۔ ٽربيونل جي ڪارروائي مان واضح ٿيو ته هن سانحي جي ذميواري بلديه کاتي، فائر بريگيڊ، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، پوليس ۽ سول ڊفينس تي اچي ٿي۔ نتيجي طور اهو چئي سگهجي ٿو ته آفيسرن جي نااهلي، عملي جي اڻ تربيت، ڪرپشن ۽ خراب حڪمراني هن سانحي جا بنيادي سبب هئا۔

ترقي يافته ملڪن ۾ اهڙن سانحن کان پوءِ سڀ کان پهرين احتساب ڪيو ويندو آهي۔ پر هتي صورتحال مختلف آهي جن ادارن جو احتساب ٿيڻ گهرجي، انهن ئي ادارن جي وزيرن کي عملدرآمد جي نگراني سونپي وئي آهي۔ هاڻي مسئلو صرف گل پلازا جو ناهي۔ اصل سوال ڪراچي  سميت سڄي سنڌ ۾ شهرين جي تحفظ جو آهي۔ ماضي ۾ بلديه فيڪٽري سانحي ۾ به 200 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا هئا، پر ان جي رپورٽ به نه شايع ٿي ۽ نه ئي ان تي عمل ٿيو۔ هڪ صحافي موجب سنڌ حڪومت احتساب تي يقين نٿي رکي۔ اهو ئي سبب آهي جو صوبي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين به حڪمران پارٽي سان لاڳاپيل آهي۔ ٻئي صحافي موجب سسٽم سان لاڳاپيل آفيسرن خلاف ڪا ڪارروائي نٿي ٿئي۔ گل پلازا کان پوءِ به ڪيترن هنڌن تي باهه جا واقعا ٿيا، پر جڏهن ذميوارن جو احتساب نه ٿيندو ته خطرو برقرار رهندو۔ جيڪڏهن هاڻي به احتساب نه ٿيو ته خدشو آهي ته ايندڙ مهينن ۾ ڪو نئون سانحو پيش اچي سگهي ٿو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.