تعلقه اسپتال ماتلي: شاندار عمارت نه پر معياري علاج گهرجي

آزاد غلام رسول مزاري

سنڌ جي مٽيءَ ۾ سدائين درد جا داستان لڪل رهيا آهن، پر انهن دردن جو سڀ کان وڏو مرڪز جڏهن اهو هنڌ بڻجي وڃي، جتي مرهم رکڻ گهرجي، تڏهن اهو الميو رڳو هڪ اداري تائين محدود نٿو رهي۔ اهو سڄي سماج جي بيحسيءَ جو عڪس بڻجي وڃي ٿو۔ تعلقه اسپتال ماتلي به اهڙي ئي هڪ ڪهاڻي بڻجي چڪو آهي، جتي اميدن جا ڏيئا وسامي رهيا آهن ۽ مايوسين جا پاڇا گهرا ٿيندا پيا وڃن۔ هي تعلقه ماتلي اسپتال، جيڪا حڪومتِ سنڌ جي سرپرستي هيٺ غريبن جي علاج لاءِ قائم ڪئي وئي، بظاهر ته ڪنهن شاندار عمارت کان گهٽ ناهي۔ رنگين ديوارون، چمڪندڙ فرش، ۽ خوبصورت بناوٽ۔اهي سڀ شيون ڏسندڙ جي اکين کي ته وڻنديون آهن، پر جڏهن ڪو مجبور انسان پنهنجي تڪليف کڻي اندر داخل ٿئي ٿو، ته کيس هن سجاوٽ جي پٺيان هڪ خالي نظام ملي ٿو۔ اميدن جا در، مايوسين جا سفر هتي ايندڙ هر غريب مريض جي اکين ۾ اميد جو هڪ ننڍڙو ڏيئو ٻري ٿو، پر ڊاڪٽرن جي زبان تي هڪ ئي جملو هوندو آهي: "هتي فيسلٽيز ڪونهن، مريض کي حيدرآباد ريفر ڪيو وڃي.” ۽ پوءِ اهو مريض، جيڪو اڳ ئي بيماريءَ سان جهيڙي رهيو هوندو آهي، هاڻي مفاصلي، خرچن، ۽ تڪليفن جي نئين جنگ ۾ ڌڪي ڇڏيو ويندو آهي۔

هي سوال هر حساس دل کان پڇي ٿو: ڇا هي اسپتال رڳو ريفر ڪرڻ لاءِ ٺاهي وئي آهي؟ ڇا هتي علاج بدران صرف رستو ڏيکارڻ ئي ذميواري بڻجي ويو آهي؟ انتظاميا جي دعوائن موجب روزانو سوين مريضن جو علاج ڪيو وڃي ٿو، پر جڏهن ڪو ميل يا فيميل وارڊ جو رخ ڪري ٿو ته اتي بيڊ خالي نظر اچن ٿا، ڄڻ وقت اتي بيهي ويو هجي۔ اهو تضاد، انگن اکرن جي سياست ۽ حقيقتن جي ويرانيءَ جو چٽو ثبوت آهي۔

ڪڏهن ڪڏهن لڳي ٿو ته هتي مريضن کان وڌيڪ انگن اکرن جو علاج ڪيو وڃي ٿو حقيقي بيمارين بدران رپورٽن کي صحتمند ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي۔ ڊاڪٽر، جن کي سماج ۾ "مسيحا” سڏيو وڃي ٿو، انهن مان ڪي واقعي پنهنجي پيشي سان سچا آهن، پر ڪيترائي اهڙا به آهن، جيڪي انتظامي دٻاءَ يا نظام جي خامين سبب خاموش تماشائي بڻيل آهن۔ هڪ ڊاڪٽر جي دل ۾ جيڪڏهن احساس زنده هجي، پر سندس هٿ ٻڌل هجن، ته پوءِ اهو به هن بگڙيل نظام جو هڪ قيدي بڻجي وڃي ٿو۔

تازو سوشل ميڊيا تي تعلقه اسپتال ماتلي  اندر ھڪ ڊاڪٽر جي بيحيائي واري وڊيو وائرل ٿي آهي اها وڊيو هن اداري جي اخلاقي حيثيت تي به سوال اٿاري ڇڏيو آهي۔ جتي بيمار جسمن جو علاج ٿيڻ گهرجي، اتي جيڪڏهن غير سنجيده رويا، غير اخلاقي حرڪتون ۽ بي ڌياني نظر اچي، ته پوءِ اهو ادارو پنهنجي بنيادي مقصد کان ڪيترو پري ٿي چڪو آهي۔اهو سمجهڻ ڏکيو ناهي۔

بي حيائي واري وڊيو جي وائرل ٿيڻ کان پوءِ، تعلقه اسپتال ماتلي سان لاڳاپيل معاملو صرف هڪ ادارتي مسئلو نه رهيو، پر پوري شهر جي عزت، اخلاقي قدرن ۽ سماجي ساک جو سوال بڻجي ويو آهي۔ اهڙي واقعي کان پوءِ ماتلي جي شريف ۽ باوقار شهرين جا تاثر گهڻ رخي، درد ڀريا ۽ ڪاوڙ سان ڀرپور ٿي ويا آهن۔ ماتلي جهڙي شهر جا رهواسي، جيڪي پنهنجي سادگي ۽ روايتي قدرن لاءِ سڃاتا وڃن ٿا، اهڙي وڊيو ڏسي دل ئي دل ۾ ڏک محسوس ڪرڻ لڳا آهن۔

انهن لاءِ اهو رڳو هڪ وڊيو نه، پر پنهنجي شهر جي ساک تي لڳل داغ هوندو۔ ڪيترائي ماڻهو شايد اهو محسوس ڪن ته سندن شهر کي سوشل ميڊيا تي غلط انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي، جنهن سان اجتماعي شرمندگي جنم وٺي ٿي۔ شهرين جي اندر هڪ فطري ڪاوڙ به پيدا ٿيندي خاص طور تي ان ڳالهه تي ته: اهو سڀ ڪجهه هڪ اهڙي جاءِ تي ٿيو آهي، جتي انسانن جو علاج ۽ خدمت ٿيڻ گهربي هئي۔ ماڻهو اهو سوال ضرور اٿاريندا ته: “جيڪڏهن اسپتالن ۾ به اهڙا رويا هوندا ته پوءِ اعتماد ڪٿي وڃي بچندو؟”

اهڙي واقعي کان پوءِ عام ماڻهو، خاص ڪري عورتون ۽ سندن وارث، اسپتال وڃڻ کان به هٻڪ محسوس ڪري رهيا آهن۔ ڊاڪٽرن تي جيڪو اعتماد هوندو آهي، اهو ڪمزور ٿي چڪو آهي۔ ۽ جڏهن علاج ڪندڙ تي ئي شڪ پيدا ٿئي، ته مريض جي تڪليف ٻيڻي ٿي وڃي ٿي۔ ماتلي جا باشعور ماڻهو يقيناً هن واقعي کي رڳو هڪ فرد جي غلطي نه سمجهندا، پر ان کي هڪ وڏي اخلاقي زوال سان ڳنڍيندا۔ محفلن، اوطاقن، ۽ سوشل ميڊيا تي بحث هلندا ته: اسان جو سماج ڪهڙي طرف وڃي رهيو آهي؟ ڇا ادارن ۾ به اخلاقي تربيت جي کوٽ آهي؟ ڪي ماڻهو اهڙا به هوندا، جيڪي کلي ڳالهائڻ بدران خاموش ٿي ويندا۔ پر اندر ئي اندر هن سڄي صورتحال کان مايوس هوندا۔ اهي سوچيندا ته جيڪڏهن علاج جا مرڪز به محفوظ نه رهيا، ته پوءِ عام ماڻهو ڪيڏانهن وڃي؟ اهڙيون خبرون نه رڳو ڊاڪٽرن جي وقار کي مجروح ڪن ٿيون، پر مريضن جي اعتماد کي به ٽوڙي ڇڏين ٿيون۔ ۽ جڏهن اعتماد مري وڃي، ته پوءِ علاج جو ڪو به عمل مڪمل نٿو ٿي سگهي۔ سوال جيڪو اڃا تائين زنده آهي ڪروڙين رپين سان ٺهيل هي عمارت آخر ڪنهن لاءِ آهي؟ ڇا اها غريبن لاءِ اميد جو مرڪز آهي، يا رڳو هڪ خوبصورت ڏيک، جنهن جو اندر خالي پن جو راڄ آهي؟

تعلقه اسپتال ماتلي جي ڪهاڻي رڳو هڪ اسپتال جي ناڪامي ناهي، بلڪه هڪ اهڙي نظام جي عڪاسي آهي، جتي ترجيحون بدلجي ويون آهن جتي عمارتن کي اهميت ڏني وڃي ٿي، پر انسانن کي وساري ڇڏيو وڃي ٿو۔ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته: هتي حقيقي طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ڊاڪٽرن کي ذميواري ۽ جوابدهيءَ جي دائري ۾ آندو وڃي مريضن کي عزت ۽ بروقت علاج ڏنو وڃي ۽ سڀ کان اهم، هن اداري مان "ريفر سينٽر” جو تاثر ختم ڪيو وڃي ڇو ته جڏهن اسپتالون اميدن جا مرڪز نه رهنديون، ته پوءِ سماج جي دل به آهستي آهستي ڌڙڪڻ ڇڏي ڏيندي۔ هي ڪهاڻي صرف ماتلي جي ناهي، پر هر ان هنڌ جي آهي جتي ديوارون ته ٺهيل آهن، پر اندر انسانيت اڃا تعمير جي اوسيئڙي ۾ آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.