سماج جڏهن پَنهنجي ئي هٿن سان ٺاهيل جهالت، شڪ، اَنا، طاقت جي غلط استعمال ۽ فرسودہ رواجن جي غلامي قبول ڪري وٺي ٿو، تڏهن انسانيت جو آھستي آھستي دم گهٽجڻ لڳي ٿو. اهڙي سماج ۾ قانون صرف ڪتابن جي صفحن تائين محدود رهجي وڃي ٿو، انصاف طاقتور جي در تي بي وس بڻجي بيهي رهي ٿو ۽ ضمير آھستي آھستي خاموشيءَ جي قبر ۾ دفن ٿي وڃي ٿو. جتي ”غيرت“ جو لفظ رَتُ سان لکيو وڃي ٿو، جتي ”ڪارنهن“ جهڙو الزام بغير ثبوت جي موت جو حڪم بڻجي وڃي ٿو، غيرت جي نالي تي ظُلم کي جائز سمجهيو وڃي ٿو، جتي عورت جي زندگي، عزت ۽ فيصلو ٻين جي هٿن ۾ هجي، ۽ جتي محبت، پسند يا بيگناهي به شڪ ۽ الزام جي سزا بڻجي وڃي، اُتي انسان نه رهندو آهي، رُڳو هڪ اهڙو بي وس ميڙ رهجي ويندو آهي جيڪو ڏسي ٿو، پر محسوس نٿو ڪري سگهي اهڙو ئي دل ڏڪائيندڙ، روح کي زخمي ڪندڙ ۽ انسانيت کي شرمائيندڙ واقعي جو تعلق خيرپور ميرس جي ٽنڊو مستي ٿاڻي جي حد، ڳوٺ ٻٽو چانڊيو سان آهي، اُھو وڇوڙو صرف هڪ گهر جو نه، پر پُوري سماج جي ضمير، شعور ۽ انسانيت جو امتحان بڻجي ويو آهي.
اُها رات عام رات نه هئي. اونداهي ضرور هئي، پر اُن کان وڌيڪَ ڳري اونداهي ماڻهن جي دلين ۾ لهي چُڪي ھئي. ٻاهر رات خاموش هئي، پر اندر انسانيت جي قتل جو شور گونجي رهيو هو. اُها رات 22 ورهين جي نياڻي روبينه چانڊيو جي زندگيءَ جي آخري رات ثابت ٿي. هڪ اهڙي رات، جنهن ۾ ساهه ته موجود هو، پر انسانيت گهڻو اڳ مري چُڪي هئي. اڌ رات لڳ ڀڳ ٽي وڳي، جڏهن هر گهر سڪون جي هنج ۾ هو، تڏهن هڪ گهر جي اندر خوف، بي وسي ۽ ظُلم جي قيامت برپا ٿي وئي. ھڪ ننڊ پيل نياڻي روبينه چانڊيو کي زبردستي ننڊ مان اُٿاريو ويو. هوءَ شايد اَڃا مڪمل هوش ۾ نه هئي، شايد هُن کي اُهو به اندازو نه هو ته هوءَ پَنهنجي زندگيءَ کي آخري گهڙين ڏانهن وٺي وڃي پئي. دل ۾ خوف هو، جسم ۾ ڏڪڻي هئي، اکين ۾ ھزارين سوال هئا، ۽ زبان تي دُعا هئي پر اُن رات دُعا ٻڌڻ وارو ڪو به نه هو. هوءَ پَنهنجي ئي گهر ۽ پَنهنجي ئي ماڻهن جي وچ ۾ بيٺي هئي. اُهي ماڻهو، جيڪي هِن جا رشتيدار ۽ حفاظت جا ذميوار هئا، اڄ هِن جي موت جا فيصلا ڪندڙ بڻجي ويا. سوين ماڻهن جو هجوم گڏ هو. هر طرف چهرا هئا، پر احساس غائب هئا. هر طرف اکيون هيون، پر ضمير بند هئا. اُهو ميڙ انسانن جو نه ھو، پر هڪ اهڙي بي وسيءَ جو منظر هو جتي زندگي جي قيمت گهٽ ۽ تماشي جي خواهش وڌيڪَ هئي. پوءِ اوچتو ھوا ۾ گولين جا آواز گونجي ويا. مامي ۽ مائٽن جي هٿن پستول ھو جنھن مان نڪتل فائر، هڪ جيئري نياڻي جي سيني ۾ لهي ويا. هوءَ زمين تي ڪري پئي ۽ ڪيترو ئي وقت تڙپندي رڙندي رھي. اُن لمحي ۾ رُڳو هڪ جسم نه ڪريو، پر هڪ مڪمل دُنيا ٽٽي پئي. هڪ ڌيءَ جو مستقبل، هڪ ماءُ جا خواب، هڪ پيءُ جون اُميدون سڀ ڪُجهه هڪ ئي پل ۾ ختم ٿي ويون. پر اُن کان اڳ هوءَ گهڻو ئي ٻاڏائي رهي هئي. هوءَ پَنهنجي مامي ۽ مائٽن آڏو هٿ ٻڌي زندگي جي خيرات گهري رهي هئي ته مون تي رحم ڪيو پر اُن وقت نه ڪنهن جي دل ۾ خدا جو ڊپ نه هو، نه انسانيت جو احساس ھو، نه ضمير جي ڪا هلچل ھئي. چوڌاري بيٺل ماڻهو خاموش هئا.
رت ۾ رنگيل سندس لاش کي نه غسل ڏنو ويو، نه ڪفن ڏنو ويو، نه جنازي نماز پڙهي وئي. هڪ کڏ کوٽي وئي، ۽ کيس اُن ۾ اُڇلائي مٿس مٽي وجهي دفن ڪيو ويو، ڄڻ هوءَ انسان نه ھئي، پر ڪو جانور ھئي ۽ جيڪڏهن ڪو جانور به هجي ها، ته به انسانيت ايتري ڪري نه ٿي سگهي جو اُن سان اهڙو بي رحمانو سلوڪ ڪيو وڃي. هوءَ ته هڪ جيئري نياڻي هئي، جنهن ۾ احساس هئا، درد هو، ساهه هو، ۽ جيئڻ جو حق هو. پر اُھو سڀ ڪُجهه ھُن نياڻي کان کسيو ويو اُهو رُڳو ھڪ ڪھاڻي جو منظر نه هو، اُها انسانيت جي تذليل هئي ۽ انسانيت جو آخري جنازو ھو. اُن سَموري واقعي ۾ سڀ کان وڏو درد هڪ ماءُ جو هو. هڪ امڙ، جيڪا پَنهنجي ڌيءَ لاءِ رڙيون ڪندي رهي، ليلائيندي رهي، هر در تي انصاف لاءِ ڌڪا کائيندي رهي. سندس آواز ۾ قيامت هئي، سندس اکين ۾ ٽٽل دُنيا هئي، ۽ سندس دل ۾ اهڙو درد هو جنهن کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي. جڏهن هُن پَنهنجي ڌيءَ کي گولين ڪري پوندي ڏٺو ۽ پوءِ کيس بنا ڪفن جي مٽيءَ ۾ دفن ٿيندي ڏٺو، تڏهن شايد هُن جي اندر جو هر احساس ساڻ ئي مري ويو.
”ڪارنهن“ جهڙو الزام، جيڪو بغير ثبوت جي موت جو حڪم بڻجي وڃي ٿو، اُهو اصل ۾ جهالت، خوف ۽ ڪنٽرول جي بيماري آهي. اهڙي سماج ۾ سڀ کان خطرناڪ هٿيار صرف بندوق نه، پر خاموشي هوندي آهي. اُها خاموشي جيڪا تماشائي بڻجي ظلم کي ڏسندي رهي ٿي. اُها خاموشي جيڪا ظُلم کي طاقت ڏئي ٿي. اُها خاموشي جيڪا هر اُن ايندڙ روبينه چانڊيو لاءِ زمين تي کوٽيل هڪ نئين قبر جو اعلان آهي. روبينه چانڊيو جي وڊيو جڏهن سوشل ميڊيا تي آئي، تڏهن سَڄي سنڌ ۾ ڪاوڙ، درد ۽ احتجاج جي لهر ڊوڙي وئي. ماڻهو رستن تي نڪري آيا، انصاف جا نعرا لڳا، ضمير جاڳيا، ۽ قانوني ڪارروائي به ٿي. گرفتاريون ٿيون، گهرن تي چڙهايون ٿيون، ڪيس داخل ٿيا. پر سوال اَڃا به اڻپورو آهي. ڇا اُهو ئي انصاف آهي ڇا هڪ نياڻي جي زندگي جو بدلو صرف گرفتاريون آهن؟ ڇا هڪ ماءُ جو درد صرف خبرن جي سرخين ۾ ختم ٿي سگهي ٿو؟ ڇا سماج واقعي بدلجي ويو آهي يا صرف وقت گذري ويو آهي؟ اصل سوال اُهو آهي ته سماج ڪڏهن بدلندو؟ ڪڏهن انسان کي انسان سمجهندو؟ ڪڏهن عورت کي حق ملندو ته هوءَ پَنهنجي زندگي پاڻ جيئڻ جو فيصلو ڪري سگهي؟