ميرپورخاص تعليمي اسڪينڊل، اڳوڻو ڪنٽرولر انور عليم گرفتار

ميرپورخاص(غفار رند)ميرپورخاص تعليمي بورڊ ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي، جتي ٽائون پوليس اسٽيشن ڪيس نمبر 39 ۾ نامزد مرڪزي جوابدار اڳوڻي ڪنٽرولر تعليمي بورڊ  ميرپورخاص انور عليم خانزادہ کي اينٽي ڪرپشن پوليس گرفتار ڪري ورتو، رياستي اداري طرفان جاري وڏي آپريشن دوران اڳ ۾ گرفتار بورڊ ملازمن اعظم خان، شاهد لطيف ۽ ٻين جي انڪشافن ۽ نشاندهي تي ڪارروائي ڪئي وئي، جاچ موجب انور عليم خانزادہ جي دور ۾ ميرپورخاص تعليمي بورڊ اندر وڏي پيماني تي بي ضابطگيون سامهون آيون، اينٽي ڪرپشن جي جاچ ٽيم موجب ڇنڊڇاڻ دوران 2539 جعلي ميٽرڪ ۽ انٽر سرٽيفڪيٽن جو انڪشاف ٿيو جڏهن ته 15 هزار کان وڌيڪ شاگردن جي نمبرن ۾ غير قانوني واڌ پڻ سامهون آئي، انهن سمورن غير قانوني قدمن ذريعي مبينا طور اڍائي ارب رپين کان وڌيڪ ڪرپشن ڪئي وئي، اينٽي ڪرپشن پوليس جوابدار کي حراست ۾ وٺڻ کان پوءِ جاچ جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪري ڇڏيو، جڏهن ته امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته هن ڪيس ۾ وڌيڪ اهم شخصيتن جي گرفتارين جو به امڪان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.