ڪراچي(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ پاران سنڌ جي تاريخي ورثن کي محفوظ بڻائڻ جو حڪم، عدالت جو ثقافت کاتي جي سينئر آفيسر روشن علي ڪناسرو کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم، سنڌ هاءِ ڪورٽ اهڙو حڪم منصوبن بابت رڪارڊ گم ڪرڻ ۽ فراهم نه ڪرڻ جي شڪايت تي ڏنو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته عدالت ثقافت کاتي جي ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر روشن علي ڪناسرو کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏنو، عدالت ۾ جاچ ڪميٽي جي رپورٽ سيڪريٽري ناڻي کاتي پاران جمع ڪرائي وئي، رپورٽ موجب روشن علي ڪناسرو ڪيترن ئي سالن کان ترقياتي منصوبن جو لاڳيتو حصو رهيو آهي، روشن علي ڪناسرو جي عهدي تي موجودگي سبب رڪارڊ ۾ تبديلي جو خدشو آهي، رپورٽ ۾ نشاندهي ڪندي چيو ويو ته انڪوائري دوران، درخواست گذار ڪجهه دستاويز پيش ڪيا جيڪي کاتي وٽ موجود ئي نه هئا، عدالت هدايت ڪئي ته حڪم نامي جون ڪاپيون چيف سيڪريٽري ۽ وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري ڏانهن موڪليون وڃن، وڌيڪ ٻڌڻي 20 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي.