پاڪستان ۽ ترڪيه جو خطي ۾ امن لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق

انطاليا (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف ’انطاليا ڊپلوميسي فورم‘ جي موقعي تي ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان سان ملاقات  ڪئي، جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن، خطي جي سياسي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، سڌ سماءُ وارو وزير عطا الله تارڙ ۽ ٻيا اعليٰ اختيارين پڻ موجود هئا. ترڪ صدر طيب اردگان وزيراعظم شهباز شريف کي ترڪي آمد تي ڀليڪار چيو ۽ خطي ۾ امن امان جي قيام لاءِ پاڪستان پاران ڪيل سفارتي ڪوششن کي ساراهيو. صدر اردگان چيو ته ترڪي هر محاذ تي پاڪستان جي حمايت جاري رکندو. وزيراعظم شهباز شريف ڊپلوميسي فورم جي ڪاميابي تي ترڪ صدر کي مبارڪباد ڏني. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن خطي جي تبديل ٿيندڙ صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ اتفاق ڪيو ته خطي ۾ پائيدار امن لاءِ گڏيل ڪوششون وقت جي ضرورت آهن.  ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ انقرا ۾ هائي ليول اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جو اٺون اجلاس گهرائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.