اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ) اوٻاوڙو ڀرسان صادق آباد جي علائقي ڀونگ ۾ گرينڊ امن جرڳو چيف سردار رئيس جهانگير احمد ۽ رئيس منير احمد جي صدارت هيٺ ٿيو، انڍڙ برادري جي ٻين ڌرين وچ هلندڙ سالن کان خوني تڪرار جو نبيڙو ٿيو، 9 قتلن جي ڪيس ۾ 9 ڪروڙ ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته قبيلائي تڪرارن خاتمي ۽ علائقي ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ قصر غازي ڀونگ ۾ وڏو گرينڊ جرڳو ٿيو، سردار رئيس جهانگير احمد ۽ سردار رئيس منير احمد سرپئنچي ڪئي، علائقي جي معزز شخصيتن، سردار لھڙي خان ملڪ، سردار شمشير علي خان مزاري، وڏيرو نور حسن دشتي، ايڊوڪيٽ خالد بن سعيد، شيخ تاج محمد شڪارپوري ۽ ٻين قبيلائي اڳواڻن ۽ ٻنهي ڌرين جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جرڳي دوران ماھي چوڪ ۾ انڌڙ برادري وچ ۾ جاري خوني تڪرار بابت اهم فيصلا ڪيا ويا، اڳواڻن ذوالفقار انڍڙ ۽ ڌر تنوير انڍڙ وچ ۾ ٺاهه ڪرائي ڇڏيو، فيصلي موجب ماھي چوڪ ۾ 9 ڄڻن جي قتل واري واقعي ۾ ڌر تنوير انڍڙ کي ڏوهي قرار ڏيندي 9 ڪروڙ رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جيڪا رقم متاثر ڌر ذوالفقار انڍڙ وارن کي ادا ڪئي ويندي،جرڳي جي سربراهن وڌيڪ فيصلو ڏيندي چيو ته ذوالفقار انڍڙ واري ڌر تنوير انڍڙ جي جانو انڍڙ سميت ٻين قتلن جي معاملي ۾ ذوالفقار انڍڙ واري ڌر هڪ مهيني اندر قرآن پاڪ تي صفائي پيش ڪندي، جيڪڏهن مقرر ڪيل مدي اندر صفائي پيش نه ڪئي وئي ته 6 ڪروڙ رپيا واپس ڪرڻا پوندا، ذريعن موجب ڌرين فيصلي کي مڃندي ڌر تنوير انڍڙ وارن بياني طور ٻي ڌر ذوالفقار انڍڙ وارن کي 10 لک رپيا پڻ ادا ڪيا، جڏهن ته ٻنهي ڌرين جرڳي جي فيصلي کي قبول ڪندي امن قائم رکڻ جو عزم ظاهر ڪيو، جرڳي جي اڳواڻن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته علائقي ۾ امن، ڀائيچاري ۽ قانون جي بالادستي لاءِ اهڙا فيصلا انتهائي ضروري آهن، ۽ سڀني ڌرين کي گهرجي ته هو نفرتن کي ختم ڪري گڏجي علائقي جي ترقي لاءِ ڪم ڪن.