راولپنڊي (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي زال بشريٰ بي بي جي اک جو آپريشن راولپنڊي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ ڪيو ويو آهي. جيل اختيارين موجب بشريٰ بي بي ساڄي اک جي نظر متاثر ٿيڻ جي شڪايت ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ ماهرن جي ٽيم پاران معائني دوران اک جي پردي جو پنهنجي جاءِ تان ڌار ٿيڻ جي سڃاڻپ ڪئي. جيل سپرنٽينڊنٽ ٻڌايو ته بشريٰ بي بي کي 16 اپريل تي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جتي پروفيسر ڊاڪٽر نديم قريشي جي نگراني ۾ سندس سرجري ڪئي وئي. هڪ رات اسپتال ۾ رهڻ بعد کيس واپس اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف، بشريٰ بي بي جي گهرڀاتين، ڌيئرن مھرالنسا مانِيڪا، مبشرا شيخ ۽ ناٺي محمد شيخ اڊيالا جيل ۾ ساڻس هڪ ڪلاڪ تائين ملاقات ڪئي ۽ طبيعت بابت اطمينان جو اظهار ڪيو. هوڏانهن، پي ٽي آءِ قيادت بشريٰ بي بي جي صحت بابت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي ۽ اڳواڻ زلفي بخاري الزام هنيو آهي ته بشريٰ بي بي کي هڪ عورت هجڻ جي حيثيت ۾ به ڪا رعايت ناهي ڏني پئي وڃي ۽ جيل اختيارين عيد کان اڳ اطلاع ملڻ باوجود آپريشن ۾ دير ڪئي. بشريٰ بي بي جي ڀيڻ مريم رياض وٽو جو چوڻ آهي ته اها هڪ حساس سرجري آهي جنهن لاءِ مڪمل آرام جي ضرورت هئي، پر کيس جلد واپس جيل موڪليو ويو آهي.