آبناءِ هرمز تي انحصار گهٽائڻ لاءِ شام اهميت اختيار ڪري ويو؟

اسلام آباد(ڊاڪٽر اڪمل سومرو ) ايران جنگ کان پاسو ڪري رهيو آهي، پر ايران جي جنگبندي جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهڻ گهرجي. هن موجب لبنان ۾ جنگبندي ايران جي لاءِ هڪ وڏي سفارتي ڪاميابي آهي.ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته جيڪڏهن ايران سان معاهدو طئي ٿي ويو ته هو اسلام آباد اچي صحيح ڪندو. هن مطابق هن وقت خطي ۾ تيز سفارتي سرگرميون جاري آهن، جن ۾ ترڪي، پاڪستان، سعودي عرب ۽ مصر جا پرڏيهي وزير گڏجاڻيون ڪري رهيا آهن. ايران جو مؤقف واضح آهي ته هو عارضي جنگبندي قبول نه ڪندو، بلڪه پوري خطي ۾ مستقل امن چاهي ٿو. ايران جي نائب پرڏيهي وزير پڻ چيو آهي ته جنگبندي ۾ سڀ محاذ شامل ٿيڻ گهرجن، جن ۾ لبنان کان وٺي ڳاڙهي سمنڊ تائين جا علائقا شامل آهن.ايران جي صدر  مسعود پزشڪيان پڻ چيو آهي ته ايران جنگ نٿو چاهي، پر جنگبندي کي ڪمزوري سمجهڻ غلط هوندو. ساڳئي وقت ايران جي فوجي قيادت واضح ڪيو آهي ته ملڪ جنگ لاءِ تيار آهي.هن سفارتي عمل ۾ پاڪستان جو ڪردار نمايان رهيو آهي. سندس مطابق آمريڪي انتظاميه پاڪستاني قيادت جي مدد سان ڳالهين کي اڳتي وڌائي رهي آهي.ڪجهه تجزيه نگارن مطابق هي صورتحال آمريڪا لاءِ سفارتي ناڪامي به آهي، جڏهن ته پاڪستان لاءِ اهو هڪ اهم ڪامياب سفارتي موقعو آهي.آمريڪا هن وقت انڊيا کي نظرانداز ڪري پاڪستان کي ترجيح ڏئي رهيو آهي، خاص طور تي ايران ۽ چين خلاف حڪمت عملي ۾ تبديلي آئي آهي.انڊيا تي تيل جي خريداري بابت به پابنديون وڌڻ جا امڪان ظاهر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته يورپ توانائي بحران طرف وڌي رهيو آهي.آبناءِ هرمز جي صورتحال عالمي توانائي مارڪيٽ کي متاثر ڪري رهي آهي. تيل، گيس ۽ ٻارڻ جي قيمتن ۾ واڌ جو امڪان آهي، جنهن جو اثر پاڪستان، انڊيا، چين، جاپان ۽ يورپي ملڪن تي به پوندو.آئي ايم ايف جي رپورٽ موجب عالمي معاشي واڌ جي شرح گهٽجي سگهي ٿي جيڪڏهن خطي ۾ جنگي صورتحال برقرار رهي.جنگي صورتحال ۾ عالمي بئنڪون ۽ وڏيون ڪمپنيون وڏا منافعا حاصل ڪري رهيون آهن، جڏهن ته دفاعي صنعت ۾ پڻ واڌ ٿي رهي آهي.ڪيتريون ملٽي نيشنل ڪمپنيون جنگي حالتن مان فائدو کڻي رهيون آهن، جنهن سان عالمي معيشت ۾ عدم توازن پيدا ٿي رهيو آهي،ٻئي پاسي شام ۾ آمريڪي فوجن جي نڪرڻ ۽ نئين سياسي صورتحال خطي ۾ وڏي تبديلي آڻي رهي آهي. ڪجهه علائقن ۾ مقامي قوتن کي قومي نظام ۾ شامل ڪيو پيو وڃي.شام هاڻي نئين توانائي منصوبن ۽ متبادل رستن جي مرڪز طور به اڀري رهيو آهي، جيڪي آبناءِ هرمز تي انحصار گهٽائڻ لاءِ ٺاهيا پيا وڃن. موجوده صورتحال هڪ نئين عالمي ترتيب ڏانهن اشارو ڪري ٿي، جتي جنگ، سفارتڪاري، توانائي ۽ معيشت سڀ گڏجي هڪ پيچيده نظام ٺاهي رهيا آهن. ايران هن وقت مضبوط موقف سان ڳالهين ۾ شامل آهي، جڏهن ته آمريڪا ۽ اتحادي ملڪن لاءِ صورتحال مسلسل تبديليءَ هيٺ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.