اسلام آباد/ لاهور (عوامي آواز رپورٽ) آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ امن ڳالهين جي ٻئي مرحلي لاءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڪستان آمد جون خبرون گرم آهن، پر انهن سرڪاري خبرن سان گڏ سوشل ميڊيا تي مزاحيه ميمز جو هڪ طوفان اچي ويو آهي. پاڪستاني واهپيدارن آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ فوٽو ايڊٽنگ ذريعي ڊونلڊ ٽرمپ کي خالص پاڪستاني رنگ ۾ رنگي ڇڏيو آهي. سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڌيڪ وائرل ٿيندڙ تصويرن ۾ هڪ ”مزمل“ نالي واهپيدار جي پوسٽ آهي، جنهن ۾ صدر ٽرمپ ۽ وزيراعظم شهباز شريف کي گڏجي قرباني جو جانور پڪڙي بيٺل ڏيکاريو ويو آهي، جنهن تي لکيل آهي ته ”ٽرمپ ۽ شهباز شريف منڊي مان جانور آڻيندي“. اهڙي ئي طرح هڪ ٻي تصوير ۾ ٽرمپ کي لاهور جي گهٽين ۾ هڪ دڪاندار کان هنداڻو خريد ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. هڪ ميم ۾ ٽرمپ کي روڊ ڪناري بيٺل ڏيکاريو ويو آهي، جتي هڪ ويگن وارو کيس اسلام آباد جي مقامي روٽن جو پڇندي چوي ٿو ته ”ڪيڏانهن ويندين راجا جي؟“. لاهورين جي رستو ٻڌائڻ واري روايتي انداز تي به طنز ڪندي واهپيدارن چيو آهي ته ٽرمپ لاهور جي شهرين کان اسلام آباد جو رستو پڇي غلطي ڪري رهيو آهي. هي مزاحيه پوسٽون نه رڳو تفريح جو ذريعو بڻيل آهن پر عالمي سياست جي ڇڪتاڻ واري ماحول ۾ هڪ هلڪو ڦلڪو رنگ به ڀري رهيون آهن.