تهران (م ڊ) ايراني ميڊيا آبناءِ هرمز کي عالمي واپار لاءِ کولڻ جي حوالي سان سخت شرطن جا تفصيل سامهون آندا آهن. ايراني خابرو اداري تسنيم مطابق، ايران ٽن بنيادي شرطن تحت هن لنگهه کي رڳو واپاري جهازن لاءِ کوليو آهي. معاهدي جي پهرئين شرط موجب، رڳو عام واپاري جهاز گذري سگهندا، جڏهن ته ڪنهن به دشمن ملڪ جي فوجي جهاز يا اهڙو جهاز جنهن تي جنگي سامان ڀريل هجي، ان کي گذرڻ جي اجازت نه هوندي. ٻئي شرط تحت سڀ جهاز ايران جي ڏسيل مخصوص رستي تان گذرندا ۽ ٽيون اهم شرط اهو آهي ته انهن جهازن کي ايران جي پاسدارانِ انقلاب سان مسلسل رابطي ۾ رهڻو پوندو. ايراني اختيارين خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا پنهنجي بحري ناڪابندي جاري رکي ته ان کي جنگ بندي جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي آبناءِ هرمز کي ٻيهر بند ڪيو ويندو.