ايران يورينيم پاڪستان يا روس حوالي ڪندو؟

اسلام آباد(اعزاز سيد+فخر دراني) اسلام آباد ۾ گذريل رات کان وٺي غير معمولي سيڪيورٽي انتظام ڏٺا ويا. بس ٽرمينلز کي عارضي طور بند ڪرڻ جا حڪم جاري ٿيا، ۽ هيوي ٽريفڪ جي داخلا به محدود ڪئي وئي.بعد ۾ ڪجهه حڪم واپس ورتا ويا، پر سيڪيورٽي انتظام برقرار آهن.  اسلام آباد ۾ شهر جي خوبصورتي ۽ سيڪيورٽي کي به وڌايو پيو وڃي.ٽرمپ پاڪستان اچڻ چاهي ٿو ۽ پاڪستان به هن جو استقبال ڪندو، پر معاملا اڃا مڪمل طور واضح ناهن.ايران ۾ ڳالهين جو مرڪز تهران آهي، جتي آمريڪا سان معاهدي بابت ڳالهيون هلي رهيون آهن.ايران سخت موقف اختيار ڪيو آهي ۽ چاهي ٿو ته معاهدي کان اڳ وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪيو وڃي. فيلڊ مارشل عاصم منير جي ايران دوري کي به انهن ڳالهين سان ڳنڍيو پيو وڃي، جيڪو اڳواٽ ٿيل اسلام آباد ڳالهين جو تسلسل آهي. خبرن موجب ايران جو مطالبو آهي ته ڪجهه افزود ٿيل يورينيم ڪنهن ٽئين ملڪ کي ڏنو وڃي (ممڪن طور روس يا پاڪستان)  آمريڪا، گڏيل قومن ۽ يورپي يونين جون پابنديون ختم ڪيون وڃن ايران جي اقتصادي بحالي شروع ڪئي وڃي ايران عارضي جنگبندي بدران مڪمل ۽ مستقل امن معاهدو چاهي ٿو.مبصرن موجب في الحال هڪ عارضي “ميمورنڊم” تي غور ٿي رهيو آهي، جنهن تحت  ٻن هفتن جي جنگبندي اڳ ۾ ٿي چڪي آهي هاڻي ان کي وڌائي عارضي معاهدو بڻائڻ جي ڪوشش آهي حتمي امن معاهدي تائين حملا روڪيا ويندا جڏهن ته پاڪستان هن سڄي عمل ۾ اهم ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.پاڪستان جي ڪوشش آهي ته مڪمل ۽ دائمي جنگبندي ٿئي اسلام آباد ۾ حتمي معاهدو سائن ٿئي ايران جي نائب پرڏيهي وزير واضح ڪيو آهي ته ايران عارضي جنگبندي قبول نٿو ڪري هو مڪمل ۽ دائمي امن چاهي ٿو جنگ جي مڪمل خاتمي کان سواءِ ڪو به معاهدو قبول نه هوندو يورپ ۾ تيل جا ذخيرا گهٽجي رهيا آهن تيل، گيس ۽ جيٽ فيول جي قيمتن ۾ واڌ جو خطرو آهي ڪيترائي ملڪ توانائي بحران ڏانهن وڌي رهيا آهن ٻئي پاسي ٽرمپ مختلف بيان ڏئي رهيو آهي، ڪڏهن سخت ۽ ڪڏهن نرم موقف سندس پاليسين کي غير مستحڪم قرار ڏنو پيو وڃي  عالمي سيڙپڪار غير يقيني صورتحال ۾ آهن رپورٽ موجب جنگي صورتحال جي ڪري دفاعي صنعت کي وڏو فائدو ٿيو آهي  عالمي هٿيارن جي طلب وڌي وئي آهي آمريڪي ڪمپنين جي منافعن ۾ اضافو ٿيو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.