اسلام آباد(مهتاب حيدر+رئوف ڪلاسرا) سينيٽ جي فنانس ڪميٽي ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته پاڪستان حڪومت جي مختلف سرڪاري ادارن خانگي بئنڪن ۾ پنهنجا ٻه هزار ارب رپيا ڊپازٽ ڪرنٽ اڪائونٽ ۾ رکيا آهن جنهن تي اها ڪمرشل وياج تي پنهنجن ئي پئسن تي مهانگو قرض وٺي ٿي ۽ انهن بئنڪن کي اربين رپيا وياج ڏئي رهي آهي،سينيٽر انوشا رحمان ان ڳالهه تان پردو کنيو،هن چيو ته ملڪ ۾ ڪفايت شعاري مهم جاري آهي پر ايس اي سي پي 7 ارب رپين جي نئين آفيس تعمير ڪرائي رهي آهي،سرڪاري ادارا 2 هزار ارب رپيا ڪمرشل بئنڪن ۾ رکي وياج وٺڻ لڳا،هن اجلاس ۾ شامل ڪامورن تي تنقيد ڪندي چيو ته توهان کي ٻه هزار ارب رپين جي خبر آهي توهان آرام سان ويٺل آهيو،ايف بي آر کير تي 19 ارب رپين جو ٽيڪس لڳايو اسان جي ڳالهه نه مڃي وئي ان رقم / جي وري سيڙپڪاري ڪئي وئي خزاني واري ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو ته مان ته ان کي فراڊ ئي چوندس اسان اهو اشو ڪيترائي ڀيرا اٿاريو آهي پر ان تي ڪا به اڳڀرائي نٿي ٿئي،ڪمپنين جا سي اي او ۽ سي ايف او اهڙا فيصلا ڪري رهيا آهن ۽ حڪومت کي نقصان ٿي رهيو آهي،خبر ناهي حڪومت ان قسم جا ڪم ڇو ٿي ڪري قانون موجب، جيڪي به سرڪاري ادارن جا فنڊ آهن، اهي سڀئي سنگل ٽريزري اڪائونٽ (Single Treasury Account) يعني وفاقي حڪومت جي گڏيل خزاني ۾ جمع ٿيڻ گهرجن، جيئن شفافيت برقرار رهي ۽ حڪومت کي مالي انتظام ۾ آساني ٿئي۔پر ڪيترائي ادارا اهو پئسو وفاقي خزاني ۾ جمع ڪرڻ بدران مختلف بئنڪن ۾ رکي، ان تي وياج ڪمائي رهيا آهن۔حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته حڪومت جڏهن پنهنجي ئي ضرورتن لاءِ قرض وٺي ٿي، ته اهو ئي پئسو مهانگي وياج تي واپس وٺي ٿي، جنهن جو بوجھ آخرڪار عوام تي پوي ٿو۔هن نظام ۾ بئنڪون سڀ کان وڏيون فائدو وٺندڙ آهن، جڏهن ته حڪومت ۽ عوام نقصان ۾ آهن، ڇو ته عوام تي ٽيڪس وڌايا وڃن ٿا ته جيئن انهن قرضن ۽ سود جو بار پورو ڪري سگهجي۔مختلف ادارن جي فنڊن جي نگراني ۽ اڪائونٽنگ بابت به شفافيت جي کوٽ آهي، ۽ ڪيترائي پئسا آڊٽ رپورٽن ۾ ظاهر ٿين ٿا پر انهن تي واضح عمل نٿو ٿئي،سڄاڻ حلقن پاران هن سڄي صورتحال کي “اداراتي ڪرپشن” قرار ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ سرڪاري ادارا، بئنڪون ۽ ناڻي سان لاڳاپيل نظام گڏجي هڪ اهڙو مالي ڍانچو ٺاهين ٿا، جنهن جو وڏو نقصان آخرڪار عام شهري کي برداشت ڪرڻو پوي ٿو۔