آمريڪي جنگي جهاز جي آبناءِ هرمز ڏانهن اڳڀرائي،ايراني ڌمڪي بعد واپس

تهران(عوامي آواز نيوز)ايراني ميڊيا موجب آمريڪا جي سامونڊي فوج جو هڪ جنگي جهاز آبناءِ هرمز ڏانهن وڌڻ کان پوءِ واپس موٽي ويو آهي۔رپورٽ مطابق اهو جهاز فجيره بندرگاهه(متحده عرب امارات) کان روانو ٿيو هو ۽ آبناءِ هرمز طرف وڌي رهيو هو، پر ايراني فورسز جي مبينا سخت ردعمل ۽ وارننگ کان پوءِ واپس هليو ويو۔ايراني ميڊيا جو وڌيڪ دعويٰ آهي ته ايراني فوج اسلام آباد ۾ موجود وفد کي به ان پيش رفت بابت آگاهه ڪيو هو۔ رپورٽ موجب ايران طرفان ثالثن کي اهو پيغام پڻ ڏنو ويو ته جيڪڏهن جنگي جهاز اڳتي وڌيو ته ان کي نشانو بڻايو ويندو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.