اسلام آباد(ڊاڪٽر اڪمل سومرو)اسلام آباد ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ اعليٰ سطحي سڌيون ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن، جن کي عالمي سطح تي انتهائي اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي،اهي ڳالهيون جنگ بندي کي وڌائڻ يا ممڪن معاهدي تائين پهچڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون۔ذريعن موجب، 1979 کانپوءِ پهريون ڀيرو ٻنهي ملڪن جي مٿين قيادت وچ ۾ سڌو رابطو ٿيو آهي، جيڪو سفارتي لحاظ کان غيرمعمولي قدم آهي۔ آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس جي پاڪستان آمد به ان ڳالهه جو اشارو ڏئي ٿي ته واشنگٽن هاڻي تڪرار کي وڌائڻ بدران حل ڏانهن وڌڻ چاهي ٿو۔ايران جي پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف چيو آهي ته ايران ڳالهين ۾ خير سگالي جي جذبي سان شامل ٿيو آهي، پر آمريڪا جي سنجيدگي بابت شڪ موجود آهي۔ هن چيو ته ڳالهين ۾ حتمي نتيجو نڪرڻ اڃا غيريقيني آهي۔تجزين موجب، موجوده حالتن ۾ فوري جامع معاهدو ٿيڻ مشڪل آهي، ڇاڪاڻ ته ڳالهيون صرف جوهري پروگرام تائين محدود نه آهن، پر آبنائي هرمز، بيلسٽڪ ميزائل پروگرام ۽ علائقائي اثر رسوخ جهڙا پيچيده مسئلا به شامل آهن۔امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته جنگ بندي جي مدي ۾ وڌيڪ واڌ ڪئي ويندي ۽ ڳالهين جو ٻيو دور به شروع ٿي سگهي ٿو، هن تڪرار عالمي طاقت جي توازن کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي،ايران آبنائي هرمز تي اثر وڌائي عالمي معيشت تي دٻاءُ وڌو، روس، چين ۽ فرانس جهڙيون طاقتون ايران جي حمايت ۾ نظر آيون، آمريڪا جي روايتي بالادستي کي چئلينج مليو آهي, ڊونلڊ ٽرمپ جي پاليسين سبب عالمي اتحادي به پريشان آهن، ۽ يورپ سميت ڪيترن ملڪن آمريڪي حڪمت عملي کان فاصلو اختيار ڪيو آهي۔ساڳئي وقت مذهبي اڳواڻ پوپ ليو پڻ جنگ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڪا به جنگ معصوم ماڻهن جي رت وهائڻ جو جواز نٿي بڻجي سگهي۔ٻئي طرف، پاڪستان لاءِ هڪ مثبت اڳڀرائي به سامهون آئي آهي، جتي سعودي عرب گوادر ۾ تيل صاف ڪرڻ واري وڏي منصوبي کي اڳتي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي۔ هن ريفائنري جي گنجائش روزانو 3 کان 4 لک بيرل تيل صاف ڪرڻ جي هوندي، جنهن سان پاڪستان جي درآمدي خرچن ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي۔تجزين مطابق، اسلام آباد ۾ جاري ڳالهيون فوري معاهدي تائين نه پهچي سگهن ٿيون، پر جنگ بندي ۾ واڌ ۽ سفارتي عمل جاري رهڻ جا امڪان مضبوط آهن۔ عالمي سطح تي هي تڪرار نه رڳو علائقائي پر عالمي سياسي ۽ معاشي نظام تي به گهرا اثر ڇڏي رهيو آهي۔