اسرائيل جا لبنان تي حملا جاري،وڌيڪ 10 ماڻهو شهيد

بيروت(عوامي آواز نيوز)ڏکڻ  لبنان جي شهر زفتا ۾ ٿيل حملي بابت لبناني وزارتِ صحت ٻڌايو آهي ته 10 ماڻهو شهيد ۽  ڪيترائي زخمي ٿيا آهن، جن ۾ سول ڊفينس جو هڪ اهلڪار به شامل آهي۔ساڳئي وقت حزب الله طرفان اتر اسرائيل تي جوابي راڪيٽ حملا ڪيا ويا، جنهن بعد تل ابيب سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ سائرن وڄڻ جون خبرون آهن۔بيروت ۾ به اسرائيلي حملن کان پوءِ وڏي پيماني تي تباهي رپورٽ ٿي آهي۔ رپورٽن موجب هتي شهيدن جو انگ 358 کان وڌي 377 کان به مٿي ٿي ويو آهي، جڏهن⁠ته 1100 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي آهن۔رپورٽن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته اسرائيلي ڊرون حملي ۾ هڪ ايمبولينس کي نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ طبي عملي جا ٽي ميمبر شهيد ٿي ويا۔موجوده صورتحال سبب نه رڳو فوجي ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي، پر علائقي ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ انساني بحران جو خطرو پڻ وڌي رهيو آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.